20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز | مسوڀرڳڙي: ڳوٺ بچو ڏاهري ۾ چار معصوم ٻارڙا  ٿيليسيميا بيماري ۾ مبتلا،واهر جي اپيل

مسوڀرڳڙي  ويجهو ڳوٺ بچو ڏاهري ۾ چار معصوم ٻارڙا  ٿيليسيميا بيماري ۾ مبتلا  هجڻ سبب سندن زندگيون خطري ۾ پئجي ويون آهن.

ڳوٺ بچو ڏاهري ۾ هڪ ئي گهر ۽ خاندان جا چار ٻار ٿيليسيميا جي بيماري ۾ وٺجي ويا آهن جڏهن تھ  سندن زندگيون خطري ۾ پئجي ويون آهن .

ٻڌايو پيو وڃي تھ 6  ورهين جي زويا ڏاهري، 3 ورهين جي اظهرا ڏاهري،  4 ورهين جو امير ڏاهري ۽ 15 مهينن جي غلام فاطمه  ڄمڻ کان وٺي ٿيليسيميا جي مرض ۾ وڪوڙيل آهن.

ٻارڙن جي والدين  عوامي آواز ٽي وي  سان ڳالهائيندي چيو ته   هو   مختلف شهرن جي مهانگين اسپتالن مان نياڻين جو علاج ڪرائي ٿڪجي پيا آهن پر سندن طبيعت ۾ ڪوبھ سڌارو نھ اچي سگهيو آهي.

هنن ٻڌايو تھ 15 ڏينهن ۾ سندن ٻارڙن کي ٻھ ڀيرا  رت  جون بوتلون چاڙهيون وڃن ٿيون.

هنن چونڊيل نمائندن ۽   صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو  کان مطالبو ڪيو آهي تھ سندن ٻارڙن جو  سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندن زندگيون بچايون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے