21 اتوار , اکتوبر 2018

ڪراچي: ڪورنگي ۾ ٻارڙيءَ کي اغوا جي ڪوشش ڪندڙ رڪشي ڊرائيور سوگهو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ٻارڙيءَ کي اغوا جي ڪوشش ڪندڙ رڪشي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب ڪورنگي نمبر 2 سيڪٽر 33 ايف جي رهواسڻ 10 ورهين جي دعا سامان وٺڻ لاءِ گهران نڪتي ته هڪ رڪشي ڊرائيور کيس ورغلايو ۽ زبردستي پنهنجي رڪشي ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ٻارڙيءَ رڙيون ڪيون. ان موقعي تي علائقي واسين پهچي جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس ٻارڙيءَ کي اغوا جي ڪوشش ڪندڙ رڪشي ڊرائيور خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن زمان ٽائون مان به پوليس هڪ ننڍي عمر جي افغاني کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪو ٽن ورهين جي ٻارڙيءَ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچيءَ ۾ ننڍي چونڊ: ڪنهن ڪٿي ووٽ ڪاسٽ ڪيو؟

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ ننڍي چونڊ دورن ناليوارين شخصيتن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے