18 جمعرات , اکتوبر 2018

پاڪستان کان پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي: ڀارتي آرمي چيف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آرمي چيف بپن راوت چيو آهي ته پاڪستان خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي، پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي. هڪ بيان ۾ ڀارتي آرمي چيف موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان کي پاڪستاني فوج ۽ دهشتگردن طرفان ڪئي ويندڙ ڪاررواين جو جواب ڏيڻ گهرجي، اسان پاڪستان کي سرپرائز ڏينداسين، کين به اها ئي تڪليف ٿيڻ گهرجي جيڪا اسان برداشت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان اهو ئي ڪري رهيو آهي جيڪو ڪندو آيو آهي، اسان پنهنجي ايندڙ ڪارروائي جا تفصيل نٿا ٻڌائي سگهون. بپن راوت ڀارتي حڪومت طرفان پرڏيهي وزيرن جي ملاقات رد ڪرڻ جي حمايت ڪندي چيو ته ڳالهيون ۽ دهشتگردي گڏ نٿا هلي سگهن، ان حوالي سان ڀارتي حڪومت جي پاليسي واضح آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي دهشتگردن جي حمايت جو الزام هڻندي چيو ته پاڪستان کي دهشتگردن جا ٿاڪ ختم ڪرڻا پوندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهانگير ترين وري سرگرم، آزاد ايم پي اي بلاول اصغر پي ٽي آءِ ۾ شامل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ننڍي چونڊ ۾ آزاد اميدوارن جي ڪاميابي کانپوءِ تحريڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے