24 بدھ , اکتوبر 2018

ملڪ سان محبت ڪيو، مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا: چيف جسٽس

چترال (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ سان محبت ڪيو، مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا، اسان کي ايمانداري اختيار ڪرڻ گهرجي، ان جي شروعات به پاڻ وٽان ئي ڪرڻي پوندي. چترال ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته مان هڪ ئي ڳالهه جي پرچار ڪندو آهيان ته اسان کي پاڪستانيت اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان سان محبت ڪيو، مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ پاڻي بحران آهي، وقت سر قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ اهو بحران ڳنڀير صورتحال اختيار ڪري ويندو. هن چيو ته بار ۽ بئنچ انصاف جا ذريعا آهن، انهن ۾ ڪو فرق ناهي. ان موقعي تي چيف جسٽس لواري ٽنل کي 24 ڪلاڪ نه کولڻ جو نوٽيس وٺندي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کان 5 ڏينهن ۾ جواب گهري ورتو. ثاقب نثار بوٽي ۽ دروش ۾ ججن جي کوٽ ختم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو، ان سان گڏوگڏ هن پشاور ۾ سرڪٽ بئنچ ۽ سنگل بئنچ قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے