23 منگل , اکتوبر 2018

جنگ لاءِ تيار آهيون پر امن چاهيون ٿا: پاڪ فوج

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج ڀارتي آرمي چيف جي بيان کي انتهائي غير مناسب قرار ڏيندي چيو آهي ته جنگ لاءِ تيار آهيون پر امن جي رستي تي هلنداسين، ڇو ته پاڪستان کي خبر آهي ته امن جي قيمت ڇا آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ميجر جنرل آصف غفور ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته جنگ ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن ڪو جنگ لاءِ تيار نه هجي، پاڪستان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، اسان کي خبر آهي ته امن جي قيمت ڇا آهي، پاڪستان گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ امن قائم ڪيو. هن ڀارت طرفان سندن فوجي جي مڙهه جي بي حرمتي وارا الزام رد ڪندي چيو ته اسان ڪنهن به فوجي جي بي حرمتي ناهيون ڪندا، ڀلي اهو دشمن ڇو نه هجي، ڀارتي فوج پنهنجي ملڪ جي سياست ۾ ڦاٿل آهي ۽ انڊين آرمي چيف جو بيان انتهائي نامناسب آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، خطي جي امن کي خراب ٿيڻ نه ڏينداسين، امن پسندي کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهيون ٿا، ڀارت سدائين ڳالهين کان ڀَڳو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت سرجيڪل اسٽرائيڪ جي شاهدي پنهنجي پارليامينٽ ۾ نه ڏئي سگهيو، ڀارت جيڏي به ڪوشش ڪري پر ڪوڙ ڪوڙ ئي رهندو، ڀارتي حڪومت تي ڪرپشن جا الزام آهن. هن واضح ڪيو ته اڄ به آڇ ڪيون ٿا، اچو ويهي ڳالهيون ڪيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے