16 منگل , اکتوبر 2018

دنيا ڏسي رهي آهي ته ڪير امن ۽ ڪير جنگ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ڀارتي آرمي چيف جي ڀڀڪين تي جواب ڏيندي چيو آهي ته اسان امن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، بپن راوت جنگ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. پنهنجي تازي بيان ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته ڀارتي آرمي چيف جو بيان غير مناسب آهي، دنيا ڏسي رهي آهي ته ڪير امن ۽ ڪير جنگ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، بپن راوت کي سمجهڻ گهرجي ته اهو بي جي پي جو سربراهه ناهي، ڀارتي آرمي چيف کي سياسي شخصيت نه بڻجڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اسان هاڻ به امن لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين، پاڪستان ۽ ڀارت ايٽمي طاقتون آهن، جنگ نٿي ٿي سگهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے