24 بدھ , اکتوبر 2018

ڀارتي آرمي چيف جي ڀڀڪين کانپوءِ پاڪستاني سياستدان به ميدان تي اچي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آرمي چيف جي ڌمڪين کانپوءِ پاڪستاني سياستدان به ميدان تي اچي ويا آهن، جن جو چوڻ آهي ته ڀارت کي اندازو ناهي اسان جو بچاءُ ڪيترو مضبوط آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڀارت ڪنهن خوش فهمي ۾ نه رهي، جنگ ٿي ته مسلمانن جي سڀ کان وڏي رياست ڀارت کي ختم ڪري ڇڏيندي. سندس چوڻ هو ته ڀارت جيڪڏهن پاڪستان کي خراب نظر وڌي ته نه اُتي گاهه ڦُٽندو، نه ئي جهرڪي ٻولي سگهندي، ڀارت کي اندازو ناهي ته پاڪستان جو بچاءُ ڪيترو مضبوط آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان تي پوندڙ ميري اَک ڪڍي ڇڏينداسين، نئين چونڊيل حڪومت ملڪ جي سلامتي ۽ ڪنڊ ڪڙڇ جو بچاءُ ڪرڻ ڄاڻي ٿي. اڳوڻي ناڻي واري وزير حنا رباني کر جو چوڻ هو ته دنيا ڏسي رهي آهي ته ڀارت ڳالهين کان ڀڄي جارحاڻو رويو اختيار ڪري رهيو آهي، ڀارتي آرمي چيف جي جيڪا دل چوندي آهي، اهو چئي ڏيندو آهي، پاڪستان کي ڀارتي آرمي چيف جي بيان جو جواب ڏيڻ گهرجي، ڀارتي رويي تي پاڪستان کي ڀرپور طريقي سان جارحاڻو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. سينيٽر شيري رحمان چيو ته پاڪستان سدائين جائز رويو رکيو آهي، ڀارتي ڌمڪين سان فرق نٿو پوي، ڀارت غير سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، بپن راوت جو بيان غير ذميواراڻو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے