21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | ڪنڌ ڪوٽ ۾ طالب  تي ڪيس داخل ڪرڻ  خلاف وارثن جو  مظاهرو

ڪنڌ ڪوٽ ۾ وارثن پاران مدرسي ۾ پڙهندڙ نوجوان تي ڪيس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪراچي جي مدرسي ۾ پڙهندڙ عمران سبزوئي تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ تي وارثن پوليس خلاف احتجاج ڪيو.

هنن چيو ته سندن نوجوان ڪراچي جي هڪ مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، مٿس پوليس  2 ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندس تعليم تباهه ڪرڻ چاهي ٿي.

سندن چوڻ هو ته ڏوهارين کي پڪڙڻ بدران بي گناهه شاگرد تي ڪيس داخل ڪري ساڻن وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي.

وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جاچ ڪرائي ۽ سندن نوجوان کي آزاد ڪرائي ساڻن انصاف ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ٽنڊوڄام:کنڀي گم ڪيل نوجوان ڪيئن بازياب ٿي گهر پهتو؟ وارث حيران!!

*ٽنڊوڄام مان چار ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿي ٽنڊوڄام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے