18 جمعرات , اکتوبر 2018

اسٽريٽ ڪرائمز جي خاتمي لاءِ ڪراچي پوليس کي 3 سئو موٽر سائيڪلون ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس جي انسپيڪٽر جنرل ڪليم امام اسٽريٽ ڪرائمز خلاف ڪراچي پوليس کي 3 سئو موٽر سائيڪلون ڏيڻ جو اعلان ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اسٽريٽ ڪرائمز خلاف اعلان جنگ ڪيو وڃي. نئين مقرر ٿيل آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ اسٽريٽ ڪرائمز خلاف قدمن کڻڻ ۽ ان حوالي سان پوليس جي حڪمت عملي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايديشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ڊي آءِ جي هيڊ ڪوارٽرز سنڌ کانسواءِ آر آر ايف، ايس آر پي، سي آءِ اي، ايڊمن ڪراچي جي ڊي آءِ جيز، ڪمانڊنٽ ايس ايس يو ۽ اي آءِ جي ايڊمن شرڪت ڪئي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊاڪٽر امير شيخ اسٽريٽ ڪرائمز جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي سميت گرفتار ۽ گهربل ڏوهارين، گروهن ۽ انهن جي ساٿارين بابت بريفنگ ڏني. آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته اسٽريٽ ڪرائمز کي هڪ چئلينج طور ورتو وڃي ۽ ڏوهارين خلاف جنگ جو اعلان ڪيو وڃي. هن ڪمانڊنٽ ايس ايس يو، آر آر ايف ۽ ايس آر پي کان اسٽريٽ ڪرائمز جي خاتمي لاءِ افرادي قوت طلب ڪري ورتي، جنهن تي ايس ايس يو 250، آر آر ايف 150، جڏهن ته ايس آر پي 1000 آفيسرن ۽ جوانن تي ٻڌل افرادي قوت وهيڪلز سميت ڪراچي پوليس جي ڊسپوزل تي ڏني، جنهن جو مقصد ڏوهن خلاف پوليس جي قدمن کي گڏيل طور وڌيڪ سخت بڻائڻ آهي. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ڪراچي پوليس جي آفيسرن جون گاڏيون به خاص پوائنٽن تي روز جي بنياد تي ٻه ڪلاڪ سنيپ چيڪنگ جي عمل ۾ حصو وٺنديون ۽ ان ڏس ۾ باقاعدي طور پوائنٽون رکڻ لاءِ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سان رابطو ڪيو ويندو. ان موقعي تي اسٽريٽ ڪرائمز خلاف ڪراچي پوليس کي 3 سئو موٽر سائيڪلون ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو. آءِ جي ٿاڻن جي سطح تي آپريشنل ۽ انويسٽيگيشن پوليس جي قدمن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪليم امام چيو ته پوليس جي مدد ڪندڙ يا ڏوهن جو اطلاع ڏيندڙ کي انعام به ملندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ديوسائي ۾ برفباري سبب رابطو ڪاٽا، پرڏيهي سميت ڪيترائي سياح ڦاسي پيا

گلگت بلتستان ( ويب ڊيسڪ ) اترين علائقن ۾ سرديءَ جي موسم شروع ٿيندي ئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے