21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | شيخ ڀرڪيو: سماجي براين  ۾ واڌ،ايس ٽي پي اڳواڻن پاران پوليس  ذميوار قرار

شيخ ڀرڪيو ۾ وڌندڙ سماجي براين خلاف ايس ٽي پي اڳواڻن الزام هنيو آهي ته شهر ۾ وڌندڙ منشيات ۽ ٻيون برايون کلي عام ڪرائڻ ۾ پوليس جو وڏو هٿ آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي اورنگزيب شيخ، پير امجد علي شاه ۽  ناٿو ڀيل سميت ٻين ايس ٽي پي اڳواڻن الزام هنيو ته پوليس منٿلي عيوض مين پڙي , ڪچو شراب، گهٽڪا ۽ ٻي منشيات جا اڏا هلائي رهي آهي.

هنن چيو ته ايس ٽي پي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي ضلعي انتظاميه کي 48 ڪلاڪن جو مهلت ڏئي ٿي ته ملوث ايس ايڇ او ۽ ٻين اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري منشيات جا اڏا بند ڪرائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ٽنڊوڄام:کنڀي گم ڪيل نوجوان ڪيئن بازياب ٿي گهر پهتو؟ وارث حيران!!

*ٽنڊوڄام مان چار ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿي ٽنڊوڄام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے