21 اتوار , اکتوبر 2018

اتر وزيرستان ۾ آپريشن، 9 دهشتگرد مارجي ويا، 7 اهلڪار شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو آهي، جنهن ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته 7 اهلڪار پڻ شهيد ٿيا آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ آپريشن ڪندي 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ڳجهي اطلاع تي ڪيل ڪارروائي دوران دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪيپٽن سميت 7 اهلڪارن شهادت ماڻي. شهيد ٿيندڙن ۾ ڪيپٽن جنيد، حوالدار عامر، حوالدار عاطف، حوالدار ناصر، حوالدار عبدالرزاق، سپاهي سميع ۽ سپاهي انور شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن کانپوءِ علائقي کي ڪليئر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دهشتگردن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچيءَ ۾ ننڍي چونڊ: ڪنهن ڪٿي ووٽ ڪاسٽ ڪيو؟

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ ننڍي چونڊ دورن ناليوارين شخصيتن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے