24 بدھ , اکتوبر 2018

نيوز | ٿر ۾ ڏڪاري حالتن ماروئڙن کي هيڻو ڪري ڇڏيو، نينگري کوهه ۾ ڪري فوت

ٿر ۾ ڏڪاري حالتون سنگين ٿي ويون، پاڻي جي ڳولا ڪندي معصوم نينگري پير ترڪڻ سبب کوهه ۾ ڪري فوت ٿي وئي آهي.

ننگرپارڪر جي شهر ڏانوڌانڌل لڳ ڳوٺ چماٽ ڀيل ۾ 10 ورهين جي گريان ڀيل کوھ تان پاڻي ڀريندي پير تِرڪڻ سبب کوھ ۾ ڪري ٻُڏي فوت ٿي وئي.

ٻڏي فوت ٿيل نينگري جو لاش کوهه مان ڪڍي گهر آندو ويو، لاش پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.

هوڏانهن ٿر جي صورتحال تي حڪومت ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو،جنهن سبب مارئي جي ديس جا رهواسي سخت عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

سنڌ حڪومت طرفان اعلانيل امدادي ڪڻڪ توڙي چوپائي مال جو چارو ناهي ملي سگهيو.

ٻي پاسي اسپتالن ۾ سهولتون نه ملڻ سبب روزانو معصوم ٻار فوت ٿيڻ سلسلو پڻ وڌي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀٽائي جو عرس شروع، ڪنهن ڪيو افتتاح، سجاده نشين ڪهڙو ڏنو پيغام ؟ سيد وقار حسين شاهه جي خطاب ڪري ڇڏيو سڀني کي لاجواب؟

ڀٽ شاهه ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جون غير سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے