24 بدھ , اکتوبر 2018

ڊيم جي مخالفت تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو ته ڀلي لڳي: اسفند يار ولي

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته جيڪي به بدزبان ماڻهو هئا، انهن کي اسيمبلي ۾ آندو ويو، عمران خان کي وزيراعظم نٿو مڃان، اهو چونڊيل نه پر سليڪٽڊ وزيراعظم آهي. اسفند يار ولي جاتي امرا ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان سندس گهرواري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ اهڙين عورتن جو انگ گهٽ آهي، جن آمريت خلاف ويڙهه ڪئي، جيڪڏهن چونڊن ۾ ڌانڌلي ثابت ٿي ۽ ن ليگ طرفان ڪا تحريڪ هلائي وئي ته ان جو حصو هونداسين. سندس چوڻ هو ته اسان ڊيمن جا مخالف ناهيون پر ڪالا باغ ڊيم تي اعتراض آهي، اسان ان جا مخالف آهيون ۽ جيڪڏهن ڪير آرٽيڪل 6 لڳائي ٿو ته ڀلي لڳائي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے