21 اتوار , اکتوبر 2018

پاڪ-ڀارت پرڏيهي وزير ملاقات ملتوي، ڀارتي تڪبر مايوس ڪيو: عمران خان

Prime Minister Imran Khan will visit Saudi Arabia todayنئين دهلي/اسلام آباد (م ڊ) ڀارت نيويارڪ ۾ پاڪ ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي حامي ڀرڻ جي 24 ڪلاڪن اندر ئي ملاقات ملتوي ڪري ڇڏي. پاڪستان جي حڪومت ان بيان تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ طئي ٿيل پاڪ-ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات ملتوي ٿيڻ تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسان امن ڳالهين جي بحالي لاءِ ڀارت کي دعوت ڏني آهي پر هن اها رد ڪئي. هن چيو ته مون کي ڀارت جي ناڪاري ۽ تڪبر واري رويي تي مايوسي ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت پاران امن ڳالهين جي آڇ رد ڪري ننڍو هجڻ جو ثبوت ڏنو. وزيراعظم عمران خان چيو ته سموري زندگي اهڙن ننڍن ماڻهن کي ڏٺو آهي جيڪي وڏين آفيسن تي قابض هوندا آهن پر انهن ۾ وسيع پئماني تي سوچڻ ۽ مسقبل بيني جي صلاحيت نه هوندي آهي.  ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت طرفان ڳالهين کان پوئتي هٽڻ تي  افسوس ٿيو آهي،  ٻنهي ملڪن جي مسئلن جو حل ڳالهين ۾ ئي آهي. ڳالهين سان سموري خطي کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ موقف ڀرپور نموني سان پيش ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته اجلاسن ۽ ملاقاتن ۾ به پاڪستان جو موقف ڀرپور نموني پيش ڪيو ويندو. شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سان ملاقات گڏيل لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kandhar Polls: Afghan election commissioners recommend suspending Kandahar vote

افغانستان ۾ اڄ چونڊ، دهشتگردي بعد قنڌار ۾ ملتوي

ڪابل(م ڊ) پوليس چيف عبدالرازق جي قتل کانپوءِ افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ اڄ ٿيندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے