23 منگل , اکتوبر 2018

پناهگيرن کي شهريت نه ڏيڻ گهرجي، ڊيم ٺاهڻ کان پهرين ڏسو ته ايترو پاڻي آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي / سکر (محمد علي نقرچ+ اظهار علي دايو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي  تھ پاڻي مسئلو انتھائي سنگين آھي ۽ ڊيم اڏڻ کان پھرين ان ڳالھھ تي تجزيو ٿيڻ گھرجي تھ سسٽم ۾ پاڻي موجود آھي بھ يا نھ. جيڪڏھن سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي نھ آھي تھ ڊيم اڏڻ فائدو ڪھڙو؟.هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل ڪاوشن ڪري عاشوري وارا ڏينھن پُرامن رھيا. وڏي وزير ايم اي جناح روڊ تي ماتمي جلوس ۾ شرڪت  ڪري ايم اي جناح روڊ کان ايمپريس مارڪيٽ تائين جلوس جي اڳواڻي ڪئي. ھن ايمپريس وٽ بوھري برادري پاران قائم ڪيل ايمبولينس سروس جو بھ معائنو ڪيو. انھيءَ بعد سيد مراد علي شاھھ ڪراچي ۾ جلوس جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ سکر روانو ٿيو، اتي ھن روھڙي، ضلعي سکر جي ماتمي جلوس جو فضائي جائزو ورتو. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ پناھگيرن کي پاڪستاني شھريت نھ ڏيڻ گھرجي. انھيءَ بعد ڪراچي واپسي تي ايم اي جناح روڊ ۽ شاھ خراسان جي ماتمي جلوسن جو فضائي جائزو پڻ ورتائون. وڏي وزير سيد مر اد علي شاھھ بي آر ٽي گرين لائن پروجيڪٽ جو پڻ فضائي جائزو وٺندي چيو تھ ان جي ڪجھھ حصن تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ گھرجي. ھن مختلف اسپورٽس گرائونڊن ۽ پارڪن جن ۾ جھيل پارڪ، ھل پارڪ، ناظم آباد جا مختلف پارڪ، نارٿ ناظم آباد ۽ ٻين علائقن جو بھ جائزو ورتو ۽ ھن چيو تھ راندين جا ميدان خراب ٿي ويا آھن انھن کي ٺيڪ ڪرايو وڃي ۽ پارڪن جي بحاليءَ لاءِ لاڳاپيل لوڪل باڊيز ۽ مقامي ڪميونٽيز کي پڻ شامل  ڪيو ويندو تھ جيئن اھي بعد ۾ انھن جي سارسنڀال ڪري سگھن. ھن اعليٰ پوليس عملدارن جي پوليس يونيفارم تبديل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. ھن چيو تھ پوليس اھلڪار شديد گرميءَ ۾ ڊيوٽي ڪندا آھن انڪري انھن کي ٽي-شرٽ جو استعمال بھ ڪرايو وڃي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جي سخت مزاحمت کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پرڏيهين کي ڪارڊ ڏيڻ واري معاملي تي يوٽرن وٺي پٺتي هٽي ويو آهي. هن چيو ته غيرقانوني ترسيل ماڻهن کي پاسپورٽ ۽ قوميت ڏيڻ جو ڪو جواز ناهي ان سان ٻيا رستا کلي ويندا، ان ڏس ۾ جيڪو قانون ۽ آئين اجازت ڏئي اُن تي ڪو اعتراض ناهي. جلسن ۾ ماڻهن جي هجوم کي خوش ڪرڻ لاءِ تڪڙ ۾ ڳالهه ڪرڻ حڪومت کي نه ٿو جُڳائي. وزيراعليٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته مني بجيٽ اچي وئي، گيس جا اگهه ۽ ٽيڪسز وڌي ويا آهن ۽ پي ٽي آءِ وارا حڪمران هاڻي اصليت طرف وڃي رهيا آهن، حڪومت ڪيئن ڪبي آهي کين پتو پئجي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ 18 صوبائي وزير ۽ پنج صلاحڪار کڻي سگهجن ٿا، هن وقت سنڌ حڪومت ۾ 12 وزير ۽ 2 صلاحڪار آهن، هلندڙ مهيني جي آخر ۾ نوان وزير کنيا ويندا جڏهن ته نالا وقت اچڻ تي ٻڌايا ويندا. ان موقعي تي اطلاعات کاتي جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز سيد ناصر حسين شاهه ۽ ٻيا پڻ هئا.هوڏانهن سنڌ سرڪار  صوبائي ڪنسوليڊيٽڊ فنڊ مان 7054.734 ملين رپيا غير آئيني ڪٽوتين، ايل اين جي گئس جي درآمد، پاڻي سميت ٻيا معاملا  سي سي آءِ اجلاس ۾ اٿارڻ لاءِ ڪيس تيار ڪري ورتو، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آهي ته سي سي آءِ اجلاس ۾ ڪراچي لاءِ حصي کان ڌار پاڻي جي فراهمي لاءِ ڳالهائينداسين، اهڙو اظهار هن ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پنهنجي صدارت هيٺ سي سي آءِ جي تياريءَ جي حوالي سان ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ 24 سيپٽيمبر تي اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت ھيٺ ٿيندڙ سي سي آءِ اجلاس ۾  پاڻي، ناڻي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن سيمت ٻين معاملن اٿارڻ لاءِ ڪيس جي تياري تي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب وڏي وزير هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت جا جيڪي به معاملا وفاق وٽ التوا جو شڪار آهن انهن معاملن کي ايجنڊا ۾آندو وڃي، جنهن ۾ پيٽروليم ريسرچ اينڊ پروڊڪشن 2012ع ۾ ترميم، صوبائي ڪنسوليڊيٽڊ فنڊ (پي سي ايف) مان فيڊرل بورڊ آف روينيو غيرآئيني ۽ غيرقانوني ڪٽوتيون ، ڪراچي سٽي (ڪي-فور پروجيڪٽ) لاءِ 1200 ڪيوسڪ اضافي پاڻي مختص ڪرڻ، آئين جي آرٽيڪل 154 تي عملدرآمد، هائير ايجوڪيشن بابت معاملا ۽ پوسٽ 18هين ترميم کي نظر ۾ رکندي اهڙيون باڊيز، وفاقي ايڇ اِي سي ۾ صوبن جي نمائندگيءَ ۾ وڌيڪ اضافو، ايل اين جي گئس جي درآمد  جا معاملا شامل آهن، جڏهن ته 1991ع واري پاڻيءَ جي معاهدي کانسواءِ ڪراچيءَ لاءِ 1200 ڪيوسڪ اضافي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ توانائي وارو صوابائي وزير امتياز شيخ، وڏي وزير جو قانون ۽ سڌ سماءَ وارو صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سھيل راجپوت، سيڪريٽري قانون رحيم سومرو ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي اتحادي قادري به عوام کي رستن تي اچڻ جو چئي ڇڏيو

لاهور: ( م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري هاڻوڪي نظام خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے