20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ايران ۾ پريڊ تي دهشتگردن جو حملو، 20 فوجين سميت 29 ڄڻا مارجي ويا، 50 زخمي

تهران (م ڊ) ايران جي صوبي اهواز ۾ فوجي پريڊ دوران دهشتگردن جي فائرنگ ۾ فوجين سميت 29 ڄڻا مارجي ويا. ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب دهشتگردن ان وقت حملو ڪيو، جنهن دوران پريڊ جاري هئي. دهشتگردن پٺئين پاسي کان حملو ڪري ڏنو، نتيجي ۾ 20 فوجي، عورتون ۽ ٻار مارجي ويا ۽ 50 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ايراني فوجي جوانن بروقت ڪارروائي ڪري 5 دهشتگردن کي ماري وڌو. هوڏانهن فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملٽري پريڊ تي حملو ڪندڙن جو تعلق داعش سان ناهي پر حملي آورن جو رابطو اسرائيل ۽ آمريڪا سان هو. ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جو چوڻ هو ته دهشتگردن کي هٿيار، تربيت ۽ معاوضو غير ملڪي حڪومت ادا ڪيو.ايراني عوام جي بچاءَ لاءِ جوابي ڪارروائي جو حق رکون ٿا.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kandhar Polls: Afghan election commissioners recommend suspending Kandahar vote

افغانستان ۾ اڄ چونڊ، دهشتگردي بعد قنڌار ۾ ملتوي

ڪابل(م ڊ) پوليس چيف عبدالرازق جي قتل کانپوءِ افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ اڄ ٿيندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے