21 اتوار , اکتوبر 2018

پاڪستان سان پلاند جو وقت اچي ويو:ڀارتي آرمي چيف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آرمي چيف بپن راوت چيو آهي ته پاڪستان کان پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي. پنهنجي تازي بيان ۾ ڀارتي آرمي چيف بپن راوت چيو آهي ته ڳالهيون ۽ دهشتگردي گڏ نٿا هلي سگهن، پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان پاڪستان کي سرپرائز ڏينداسين، کين به اها ئي تڪليف ٿيڻ گهرجي، جيڪا اسان برداشت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان اهو ئي ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪندو آيو آهي، اسان پنهنجي ايندڙ ڪارروائي جا تفصيل نٿا ٻڌائي سگهون.113041

جنگ لاءِ تيار آهيون: پاڪ فوج

راولپندي(م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور  چيو آهي ته ڀارتي آرمي چيف جو بيان غير ذميوراڻو آهي، پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي. اسان  هڪ ايٽمي قوت آهيون. امن  جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، جنگ ان وقت ٿيندي آهي جڏهن اوهان جنگ لاءِ تيار نه هجو. اسان جنگ لاءِ تيار آهيون پر ملڪ ۽ عوام جي مفاد خاطر امن جي رستي ڏانهن هلڻ چاهيون ٿا، اسان کي خبر آهي ته امن جي قيمت ڇا آهي ۽ اسان امن پسندي کي اڳتي کڻي هلڻ چاهيون ٿا، وزيراعظم پاڪستان ڀارت کي امن ڳالهين جي آڇ ڪئي جنهن کي ڀارت قبول به ڪيو، اسان هڪ پروفيشنل آرمي آهيون، اسان ڪنهن به فوجي جي بي حرمتي نه ٿا ڪري سگهون پوءَ اهو دشمن ملڪ هجي يا ڪنهن ٻئي جو، ڀارت کي ڳالهين جي ميز تي اچڻ گهرجي، جڏهن به ڳالهين جو ذڪر نڪرندو آهي ته هميشه ڀارت ئي ڳالهين کان ڀڄندو آهي، گڏيل قومن ۾ ڳالهين جو موقعو مليو هو پر ڀارت اهو وڃائي ڇڏيو، ڀارت سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ڍونگ رچايو آهي پر هو ان جو ڀارتي پارليامينٽ ۾ ثبوت نه ڏئي سگهيو، هو ڇنڇر تي هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته ڀارت جي موجوده حڪومت جي اپوزيشن طرفان ڪرپشن جا الزام درپيش آهن ان صورتحال جو رُخ موڙڻ لاءِ ڀارتي حڪمرانن ان طرح جو ماحول پيدا ڪيو آهي جنهن ۾ پاڪستان دشمني جو موقف سامهون آيو. آصف غفور چيو ته پاڪستان گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ امن قائم ڪيو آهي، اسان کي خبر آهي ته امن جي قيمت ڇا آهي؟ ۽ اسان ان امن پسندي کي اڳتي کڻي وڃڻ چاهيون ٿا. انهي تناظر ۾ وزيراعظم پاڪستان ڀارت کي امن ڳالهين جي آڇ ڪئي جنهن کي ڀارت قبول به ڪيو پر قبول ڪرڻ کان پوءِ وري ان هڪ سپاهي جي لاش جي بي حرمتي جو الزام هنيو جنهن کي اسان رد ڪري ڇڏيو آهي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kandhar Polls: Afghan election commissioners recommend suspending Kandahar vote

افغانستان ۾ اڄ چونڊ، دهشتگردي بعد قنڌار ۾ ملتوي

ڪابل(م ڊ) پوليس چيف عبدالرازق جي قتل کانپوءِ افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ اڄ ٿيندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے