16 منگل , اکتوبر 2018

وزيراعظم اڄ لاهور پهچندو، نئين بلدياتي نظام تي بريفنگ وٺندو

The Prime Minister will be present on the new constitutional systemلاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان اڄ منجهند لاهور پهچندو ۽ نئين مڪاني نظام تي انتظاميا کان بريفنگ وٺندو. عمران خان لاهور پهچندي ئي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ بلديات واري وزير سان ملاقات ڪندو جنهن بعد منجهند ٽي وڳي پنجاب ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندو. سينيئر وزير عليم خان وزيراعظم کي 100 ڏينهن پلان ۽ ڄاڻايل نئين مڪاني نظام تي بريفنگ ڏيندو. جنهن کانپوءِ 4 وزير وزيراعظم کي پنهنجن کاتن جي ترجيحاتن کان پڻ آگاهه ڪندا ان دوران صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، جهنگلن وارو وزير سبطين خان ۽  ۽ سياحت وارو وزير راجا ياسر همايون سرفراز اهم منصوبن جي منظوري پڻ وٺندا. وزيراعظم عمران خان  اڄ بيورو ڪريسي جي مختلف اجلاسن کي به خطاب ڪندو ۽ پنهنجي سياسي ٽيم سان گڏ ننڍي چونڊ جي تيارين تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے