17 ہفتہ , نومبر 2018

ڪينسر جي سبب هلندڙ سال هڪ ڪروڙ ماڻهو  پنهنجي جان مان هٿ ڌوئي ويهندا: رپورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڪينسر 2018 ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاريندو، غير ملڪي خابرو اداري موجب طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته بهتر علاج ۽ شروعات ۾ ئي جان وٺندڙ مرض تشخيص جي باوجود ڪينسر جي ڪيسن ۾ ملسل اضافو ٿي رهيو آهي. انٽرنيشنل ايجنسي فار ريسرچ آن ڪيسر (آئي آي آر سي) جي رپورٽ موجب 2018 ۾ پوري دنيا ۾ ڪينسر جا هڪ ڪروڙ لک نون ڪيسن سان گڏ 90 لک 60 هزار ماڻهن جي مرڻ جي پيش گوئي ڪئي وئي هئي. آئي اي آر سي جي 6 سال پهريان پيش ڪيل جائزه رپورٽ ۾ هڪ ڪروڙ 41 نوان ڪيس ۽ 80 لک 20 هزار ماڻهن جي مرڻ جو اندازو لڳايو ويو هو جيڪو هن رپورٽ کان وڌيڪ آهي. آبادي ۽ ماڻهن جي عمر وڌڻ سان گڏ ڪينسر جي سبب فوتگين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ان سان گڏ ترقي پزير ملڪن ۾ ماڻهن طرفان غير صحتمند ۽ ترقي يافته ملڪن جي طرح خطري سان ڀرپور لائف اسٽائل اپنائڻ به ان ۾ اضافي جو سبب آهي. آئي اي آر سي جي موجب ماڻهن جي ايڪسرائز لاءِ حوصله افزائي  ڪرڻ، سگريٽ ڇڏرائڻ ۽ صحت مند غذا جي استعمال سان ڪجهه ماڻهن ۾ ڪينسر جي ڪجهه قسمن ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي آهي پر ان جي باوجود نئي ڪيسن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. رپورٽ موجب هر پنجن مان هڪ مرد ۽ هر ڇهن مان 6 هڪ عورت کي زندگي ۾ ڪينسر جو مقابلو ڪرڻو پوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪافي پيئڻ سان توانائي ۾ اضافو ٿيندو آهي: تحقيق

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان نه صرف انسان جي توانائي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے