16 منگل , اکتوبر 2018

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ واشنگٽن پهچي ويو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا پهچي ويو.پرڏيهي وزير هڪ ڏينهن واشنگٽن ۾ ترسندو جنهن بعد هو نيويارڪ روانو ٿيندو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي 73 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ آمريڪا روانو ٿي آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ڪندو. ان دوران شاهه محمود قريشي جي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سان به ملاقات جو امڪان آهي. شاهه محمود قريشي 29 سپٽمبر تي جنرل اسمبلي کي خطاب ڪندو ۽ جنرل اسمبلي جي اڳيان عالمي معاملن تي ملڪ جو موقف پيش ڪندو جڏهن ته ڪشيمر تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن به دنيا جي سامهون رکندو. ساڳي ئي ڏينهن ڀارتي پرڏيهي وزير سُشما سوراج به جنرل اسمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے