23 منگل , اکتوبر 2018

پاڪ – ڀارت دنگل: گرين شرٽس جو ڀارت خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ اڄ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون آهن. دبئي ۾ ايشيا ڪپ جا دلچسپ مقابلا جاري آهن. ان ڏس ۾ سپر فور مرحلي جون اڄ وڌيڪ ٻه ميچون کيڏيون پيون وڃن، جنهن ۾ قومي ٽيم روايتي مخالف ڀارت خلاف ميدان سان مقابلو ڪري رهي آهي ، ڀارت خلاف مئچ لاءِ قومي اسڪواڊ ٻه تبديليون ڪيون ويوڻ آهن فاسٽ بالر عثمان خان جي جاءِ تي محمد عامر ۽ حارث سهيل جي جاءِ شاداب خان جي واپسي ٿي آهي فخر زمان، امام الحق، بابر اعظم، شعيب ملڪ، ڪپتان سرفراز احمد، آصف علي، شاداب خان، محمد نواز، شاهين آفريدي، حسن علي، محمد عامر شامل آهن. جڏهن ته ڀارت جي ٽيم بنگلاديش خلاف کيڏيل مئچ جي ساڳي اسڪواڊ سان ميدان تي لٿي آهي. ڀارتي ٽيم ۾ شيکر ڌون، ڪپتان روهت شرما، امباتي رائيڊو، ايم ايس ڌوني، دنيش ڪارٿڪ، ڪيدار جاديو، ريوندر جديجا، ڀونيشور ڪمار، ڪلديپ ياديو، يوزويندر چاهل ۽ جسپريت بمرا شامل آهن. هوڏانهن افغانستان جي ٽيم بنگلاديش سان مقابلو ڪري رهي جتي بنگلاديش افغانستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان کان اڳ پهرين رائونڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت هٿان گرين شرٽس کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو. ڀارت ۽ پاڪستان جون ٽيمون سپر فور مرحلي جي پهرين ميچ ۾ ڪاميابي ماڻي چڪيون آهن ۽ اڄوڪي ميچ ۾ فتح ماڻيندڙ ٽيم جا فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان چٽا ٿي ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے