16 منگل , اکتوبر 2018

سرفراز احمد ۽ مڪي آرٿر کي عالمي ڪپ تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي: احسان ماني

Sarfraz Ahmed and Mickey Arthur have decided to retain the World Cup: Ehsan Manaiدبئي ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ۽ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر کي عالمي ڪپ تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. دبئي ۾ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي پي سي بي چيئرمين احسان ماني چيو ته پي سي بي ۾ ابتو نظام هلي رهيو آهي پر اسان قانوني بهتري ذريعي نظام ۾ تبديلي آڻينداسين، نئين نظام ۾ چيئرمين جا اختيار محدود هوندا، چيئرمين به جوابدار هوندو، منهجا خرچ به سال ۾ ٻه ڀيرا سڀني جي سامهون آندا ويندا. سندس چوڻ هو ته پي سي بي جي آڊٽ ٿي چڪي آهي، هڪ مهيني ۾ 2018 جا اڪائونٽن جو آڊٽ پي سي بي ويب سائيٽ تي رکندس ته جيئن سڀ بورڊ جي مالي معاملن کي ڏسي سگهن، آڊٽ کي  منظر عام تي آندو ويندو. پي سي بي چيئرمين چيو ته پنهنجي مراعاتن ۽ اختيارن ۾ پڻ گهٽتائي آڻيندس ۽ جيڪي آفيسر اسان جي نظام ۾ فٽ نه ٿيندا کين عزت سان گهر روانو ڪيو ويندو.پي سي بي چيئرمين چيو ته ٽن مهينن ۾ پي سي بي جو قبلو درست ڪندي پنهنجي پاليسي کي واضح ڪندس، پنهنجي انتظامي ٽيم ۾ تبديلي ڪندس پر نئين نظام ۾ سزا ۽ جزا کي اهميت ڏني ويندي. انٽرويو دوران هن چيو ته پرڏيهي آڊيٽر ڪنهن وڏي خامي جي نشاندهي ناهي ڪئي پر آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ڪجهه ٽينڊر ۽ ڪانٽريڪٽ تي سوال اُٿاريا هئا، سندن اعتراضن تي پي سي بي انتظاميا جواب تيار ڪري رهي آهي.احسان ماني چيو ته وزيراعظم بڻجڻ بعد منهنجو عمران خان سان رابطو گهٽ ٿيو، مان وزيراعظم کي چيو توهان ملڪ هلايو مان ڪرڪيٽ هلائيندس. سندس چوڻ هوته پاڪستان ٽيم ۾ ٻين ملڪن جيان ڪرڪيٽ ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ هلائيندا آهن، ڪرڪيٽ ٽيم جا معاملا هلائڻ لاءِ انگلينڊ وانگر اينڊريو اسٽراس جي طرز تي ڪنهن اڳوڻي رانديگر کي آندو ويندو، اهڙا ڪرڪيٽر جيڪي سوچن ۽ سندن وٽ نوان خيال هجن. هن چيو ته چيئرمين جو ڪم ناهي ته ڪوچ مقرر ڪري ۽ ان سان ڳالهيون ڪري، خواهش آهي ته ڪرڪيٽ جا معاملا آزاداڻي انداز ۾ شفافيت سان هلايا وڃن. هن چيو ته سرفراز احمد ۽ مڪي آرٿر کي عالمي ڪپ تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي، مان ان جو احترام به ڪريان ٿو، ٻئي سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. احسان ماني چيو ته هاڻ چيئرمين ڪوچن جي چونڊ نه ڪندا، ان کان اڳ اهو ڪم هڪ ايڊهاڪ ڪميٽي جوڙي چيئرمين ڪندو هو، اهو پروفيشنل طريقو ناهي، اسان وٽ اڳوڻن ڪرڪيٽرن جو هڪ پينل هوندو جيڪو ڪوچ کي پاڪستان ٽيم جي حالتون ڏسي ڪري نئين ڪوچ جي مقرري جي سفارش ڪندا ۽ چيئرمين سڀ ڪجهه ڏسي ڪوچ جي منظوري ڏيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ته چيئرمين کي ڪجهه خدشا آهن ته هو  ان تي پنهنجو اعتراض واريندو پر معاملا ايڊهاڪ بنيادن تي نه هلايا وڃن. سندس چوڻ هو ته شخصيتن بجاءِ هڪ سسٽم جوڙينداسين، اهو سسٽم ڪرڪيٽ ۽ ڪرڪيٽرن جي بنيادن تي ٿيندو، جنهن ۾ هر هڪ جو احتساب ٿيندو. چيئرمين جو ڪم ناهي ته ڪپتان ۽ ڪوچ کان جواب طلب ڪري، ڪرڪيٽرن جي ڪميٽي ئي انهن سان ڳالهيون ڪندي. پاڪ- ڀارت ڪرڪيٽ لاڳاپن جي بحالي جي حوالي سان احسان ماني جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪرڪيٽ جا معاملا غيرسياسي انداز ۾ حل ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ڪوشش ڪندس ته پاڪستان ۾ جلد عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

#MeToo movement: 'I was shamed and humiliated', Adhyayan Suman accuses ex-girlfriend Kangana Ranaut of harassment

مي ٽو مهم: اداڪارا ڪنگنا رناوت تي تشدد ۽ جنسي طور هراسان ڪرڻ جو الزام

ممبئي ( شوبز نيوز) ناليواري بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت جي اڳوڻي بوائي فرينڊ اداڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے