21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | نواب ولي محمد : ڪربلا جي شهيدن بابت ڪانفرنس ، علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت

نواب ولي محمد ۾ ڪربلا جي شهيدن جي بابت ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس کي پير محمد ايوب جان سرھندي، مفتي عقيل احمد جليلي، علامہ مسعود سميت نامور عالمن خطاب ڪيو.

عالمن خطاب ڪندي چيو امام حسين جي شجاعت، استقامت، صبر کي ڏسي ملائڪ آسمان مان مرحبا مرحبا ڪندا رھيا ھڪ پاسي يزيد ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي ته ٻئي طرف نبي پاڪ جي گھراڻي لاءِ درياءَ فرات جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو.

هنن چيو ته جيڪڏهن  امام حسين چاھي ھا ته ھڪ آڱر سان سمنڊ وهائي ڇڏي ها  پر رب جي امتحان ۾ صبر ڪري امت رسول کي ڏيکاريو ته حق جي جنگ بک ، اڃ تي رھي ائين فتح ڪبي آهي.

ان موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا جڏهن ته لنگر نياز ۽ سبيل جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان جي مايوسي ڪٿي دنگ ٿي؟ اذيت ڏيندڙ موت تي حيران ڪندڙ انڪشاف

ڳوٺ ڌرم جي ويري واسي نوجوان  جبل ميگهواڙ وڻ ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے