21 اتوار , اکتوبر 2018

سعودي عرب هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي: وزيراعظم عمران خان

The Prime Minister will be present on the new constitutional systemاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سعودي عرب هر ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي قومي ڏهاڙي تي سعودي بادشاهه سلمان ۽ سعودي عوام کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته  سعودي عرب جي تعمير ۽ ترقي توڙي استحڪام هر پاڪستاني جي دل جو آواز آهي، سعودي عرب جي مضبوطي اسلام جي مضبوطي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جو عوام مذهب ۽ ڀائيچاري جي مضبوط رشتي ۾ ٻڌل آهن، هر ڏکي وقت ۾ سعودي عرب پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جذبي کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. وزيراعظم عمران خان طرفان خادمين حرمين شريفين، ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان ۽ شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچيءَ ۾ ننڍي چونڊ: ڪنهن ڪٿي ووٽ ڪاسٽ ڪيو؟

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ ننڍي چونڊ دورن ناليوارين شخصيتن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے