18 جمعرات , اکتوبر 2018

گھڻ براعظمي ايشيائي دنيا خلاف يورپي-آمريڪي براعظمي سرمائيداري جارحيت

پريم مٿراڻي

ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ، خاص طرح ايشيا ڇو عالمي سماجي سياسي ۽ معاشي سرگرمين سان گڏ، بدنظمي ۽ بدامني  جو پڻ مرڪز بڻيل آهي؟ سرمائيداري طاقتن مطابق ايشيا، گھڻين رياستن تي مشتمل، دنيا جو وڏي ۾ وڏو کنڊ آهي ۽ وڏي ۾ وڏي عالمي منڊي جي حيثيت رکي ٿو. جنهن ۾ دنيا جي 60 سيڪڙو آبادي رهي ٿي. هن ڳالهه کي جيڪڏهن درست فرض ڪجي ته يقيناً هن کنڊ جو عالمي معاشي ۽ سياسي سرگرمين جو مرڪز هجڻ فطري عمل آهي! پر ساڳي وقت هي کنڊ بدامني ۽ هڪ طرفين جنگين جو مرڪز ڇو بڻيل آهي؟ اهڙيون جنگيون، جيڪي بنا ڪنهن سبب جي، طاقتور سرمائيدار کنڊن (Capitalist Continents) طرفان ايشيا جي ڪمزور رياستن مٿان مڙهيون وڃن ٿيون ۽ رات وچ ۾، جديد خودڪار ميزائلن سان، اعلى-تهذيبي تاريخي پسمنظر رکندڙ قومن ۽ رياستن کي، زنده انسانن جي کنڊرن ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو. ان ڳالهه کي سمجھڻ لاءِ اسان کي ”ايشيا کنڊ“ کي سرمائيداري تصور جي بدران، حقيقي تاريخي پسمنظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. ايشيا هڪ ”کنڊ“ نه آهي پر هڪ کان وڌيڪ کنڊن تي مشتمل، مڪمل ”انساني دنيا“ (Human World) آهي جيڪا، ”شمسي-ارضياتي“ (Solar-Geological)، ”بري-بحري-وايومنڊلي“ (land-Ocean-Atmosphere)، ”جبلياتي-درياهي“ (Orogeny-Alluvium)، ”تاريخي-تهذيبي“ (historical-Civilizational)، ”نسلي-زميني-ثقافتي“ (Genetical-Geographical-Cultural) ۽ ”سياسي-معاشي“ سطحن تي، هيٺ ڏنل چئن عظيم براعظمن تي مشتمل، گھڻ براعظمي دنيا (Multi-Continental World) آهي، جنهن ۾ شامل سمورين رياستن جا قومي بنياد (National Base)، هيٺ ڏنل براعظمن (Continents) سان لاڳاپيل آهن:

1.اتر کنڊ (North Continent)،

2.چين کنڊ (China Continent)،

3.عرب-فارس کنڊ (Arab-Persia Continent)،

4.سنڌو کنڊ (Indus Continent)،

ايشيا جا سمورا کنڊ، پنهنجو، پنهنجو الڳ بحري-بري-وايومنڊلي نظام رکن ٿا. انهن کنڊن تي، الڳ الڳ جبلياتي-درياهي نظامن ۾، هڪ ٻئي کان مختلف تهذيبي انقلابي تسلسل ۾، انيڪ ٻوليون ڳالهائيندڙ، نسلي ۽ ثقافتي بنياد رکندڙ قومون، ارتقاپذير ٿيون آهن. (ايندڙ مضمونن ۾ ايشيائي دنيا جي سمورن براعظمن جي تاريخي پسمنظر تي، ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي).  آمريڪا جي دريافت (Discovery of America) ۽ يورپ ۾ صنعتي انقلاب (Industrial Revolution)، سرمائيداري انقلاب جو، سرمائيداري سامراج (Capitalism) ۾ منتقل ٿيڻ جو سبب بڻجي ويا. يورپ ۾ صنعتي انقلاب جو، سرمائيداري پيداواري عمل ۾ منتقل ٿيڻ، سرمائيداري نظام جي پهرين فتح ثابت ٿيو ته ان جي ٻي پيشقدمي، نئين دريافت ٿيل براعظم آمريڪا کي پنهنجو نئون سامراجي مرڪز بنائڻ هو.

اڻويهين صدي جي پڇاڙي تائين، تازي ڄاول سرمائيداري انقلاب کي، يورپي بيٺڪي راڄ واري طريقيڪار تي ڀاڙڻ جي ضرورت نه هئي ڇاڪاڻ ته ان وقت سرمائيداري سرشتو، ٽيڪنالاجي تي پنهنجي هڪهٽي ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو. ان سان گڏ، ان وٽ نئون براعظمي پٽ آمريڪا پڻ موجود هو جتي هو ٽيڪنالاجي جي ڀرپور استحصال سان، عالمي سامراجي شڪل اختيار ڪرڻ ۾ مڪمل طور آزاد هو. ساڳي وقت اسان کي خبر آهي ته معاشي استحصال (Economic Exploitation)، سياسي بدنظمي ۽ بدامني (War)، سرمائيداري سرشتي جو جيئندان آهن.  ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ، يورپي-آمريڪي سرمائيداري براعظمن کي پنهنجي سامراجي استحصال لاءِ هڪ، ٻن يا ڪجھ رياستن جي نه پر مڪمل براعظمن جي ضرورت هئي جن جو، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان هڪ ئي وقت براعظمي معاشي-سياسي ۽ ٽيڪناليجي استحصال (Technological Exploitation) ٿي سگھي. تنهن ڪري ٻي مهاڀاري لڙائي درحقيقت، عالمي سرمائيداري سامراجيت لاءِ براعظمي بالادستين جي نئين شروعات هئي. آفريڪا ته اڳيئي انهن جي زير اچي چڪو هو پر ايشيا، برطانوي راڄ جي خاتمي کانپوءِ به، يورپي-آمريڪي سرمائيداري طاقتن جي نشاني تي رهيو. هن دفعي سرمائيداري سامراج رياستي نه پر، براعظمي سامراجي طاقت بڻجي، پٺ تي پيل براعظمن کي پنهنجي استحصال جو نشانو بنائڻ لاءِ تيار هو ۽ ان عالمي سرمائيداري سامراجيت جو پهريون ۽ آخري نشانو ايشيائي دنيا هو.

سرمائيداري طاقتون ان ڳالهه کان اڳيئي واقف هيون ته ايشيا هڪ نه گھڻ براعظمي انساني دنيا (Multi-Continental World) آهي. تنهنجيڪري انهن پهرين مرحلي ۾ نظرياتي سطح تي، ايشيا جي گھڻ براعظمي تصور کي، تاريخ مان خارج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انجي جڳهه تي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايشيائي زمين هڪ کنڊ آهي جيڪو اوڀر (East Asia)، ڏکڻ (South Asia)، ڏکڻ اوڀر (South-East Asia)، مرڪزي (Central Asia) ۽ وچ اوڀر (Middle East) خطن (Regions) ۾ ورهايل آهي. پنهنجي براعظمي سامراجيت قائم ڪرڻ لاءِ انهن، سياسي سطح تي، گڏيل قومن (United Nations) جي نالي ۾، ڪيئي عالمي ادارا قائم ڪيا. مالياتي (Financial Levels) سطح تي عالمي بينڪون (World Banks) قائم ڪيون ۽ اقتصادي سطح (Economic Level) تي، گھڻ قومي پيداواري ۽ ٽيڪناليجي ڪمپنيون (Multi-National Companies) قائم ڪيون.

سرمائيداري طاقتن، ايشيائي قومن ۽ رياستن جي اندروني سياسي-معاشي براعظمي لاڳاپن کي نظرانداز ڪندي، انهن جي جڳهه تي آزاد رياستن جي ” خودمختيار خارجي لاڳاپن“ (Self-Determined Foreign Affairs) جو تصور پيدا ڪيو، جن لاءِ ڀينر براعظمي رياستن (Sister Continental States) کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري نه هو. سياسي سطح تي سرمائيداري طاقتن اهو ڏيکاءُ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ايشيا  جون رياستون پنهنجا، سياسي ۽ معاشي فيصلا ڪرڻ ۽ ٻين رياستن سان خارجي لاڳاپا (Foreign Affairs) قائم ڪرڻ ۾ خودمختيار آزاد آهن. جڏهن ته ايئن نه هو. مثال؛ آمريڪا کنڊ، هندوستان جي رياست سان ڪو به اقتصادي معاهدو ڪرڻ وقت پاڪستان، نيپال، بنگلاديش وغيره جهڙين ڀينر رياستن (Sister States) جي مفادن تي پوندڙ اثرن کي ان حد تائين نظر ۾ رکندو، جنهن حد تائين، خود ان جي مفادن کي ڇيهو نه رسي ۽ هندوستان به ان خوشفهمي هيٺ ته ڇاڪاڻ ته هو آزاد ۽ خودمختيار رياست آهي، پنهنجي ڀينر براعظمي رياستن جي مفادن کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ اهڙا معاهدا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي.

ظاهر آهي ته آمريڪا اقتصادي ۽ سياسي سطحن تي طاقتور کنڊ آهي انجي برابري ڏکڻ ايشيا جون سموريون رياستون، بحيثيت مجموعي براعظمي طاقت جي، ته ڪري سگھن ٿيون پر، دنيا جي ڪنهن به هڪ رياست لاءِ اڪيلي سر، ڪنهن براعظم اڳيان اهڙي برابري ڪرڻ ممڪن نه آهي. اهڙي ريت اسان ايشيائي دنيا جي گھڻ براعظمي تصور کي نظر ۾ رکون ته سولائي سان سمجهھ ۾ ايندو ته:

  1. يورپي آمريڪي سرمائيداري جارحيت، رياستي نه پر، ايشيائي دنيا خلاف سياسي، اقتصادي براعظمي جارحيت آهي جيڪا ايشيا جي رياستن کي اڪيلو ڪري، ايشيا جي براعظمن مٿا مڙهي وئي آهي.
  2. ايشيا جو رياستون انفرادي طور، اهڙي آمريڪي-يورپي براعظمي سرمائيداري سامراجيت جو مقابلو ڪري سگھڻ جي قابل نه آهن. ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ايشيائي رياستن کي پنهنجي براعظمي شناخت جو اجتماعي سياسي-اقتصادي ۽ ثقافتي اتحاد قائم ڪرڻو پوندو.
  3. ايشيا جو عرب-فارس کنڊ (Arab-Persia Continent)، وچ اوڀر جي سرمائيداري اصطلاح ۾ اڳيئي آمريڪي-يورپي براعظمي سرمائيداري سامراجيت جو نشانو بڻجي چڪو آهي. ايشيائي دنيا جي ٻين براعظمي طاقتور رياستن جهڙوڪ، روس، چين، جاپان، هندوستان، پاڪستان، ملائيشيا، سعودي عرب، ترڪي ۽ ايران وغيره کي انفرادي طور اولهه جي سرمائيداري براعظمي سامراجي مفادن وٽان ڪم ڪرڻ بدران، انهن کي گڏجي، پنهنجي برادر براعظم کي ان مشڪل صورتحال مان ٻاهر ڪڍڻ گھرجي.
  4. ايشيائي دنيا کي، سندس براعظمي سطحن تي، گڏيل قومي سياسي ادارا (Continental United Nations)، مالياتي سطح تي بينڪون ۽ اسٽاڪ ايڪسچيجز (Continental Stock Exchanges & Banks)، اقتصادي سطح تي براعظمي ڪمپنيون (Continental inter-National Companies) ۽ دفاعي سطح تي براعظمي فوجون قائم ڪرڻ گھرجن.

5.ايشيائي براعظمن کي پنهنجا مسئلا جهڙوڪ، فلسطين، سيريا، ايران-عراق، ڪشمير، اتر-ڏکڻ ڪوريا، وغيره پاڻ حل ڪرڻ گھرجن.

  1. آمريڪي يورپي سرمائيداري جارحيت هيٺ، ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ، ايشيائي رياستن ڄاتل-اڻڄاتل خوف ۾ پئي ساهه کنيو آهي. تنهنجيڪري اهي رياستون درحقيقت ڪڏهن آزاد رهيون ئي نه آهن. ايشيائي دنيا جون يورپي-آمريڪي ”مهر هنيل آزاد رياستون“، جيڪڏهن پنهنجيون براعظمي حدبنديون شناخت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته هڪ طرف، اهي پنهنجا موجوده سياسي، جاگرافيائي ۽ ٻيا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديون، ٻئي طرف انهن مٿان يورپي-آمريڪي براعظمي سرمائيداري سامراجيت وارو خوف به ختم ٿيندو ويندو.7. ايشيا جا سمورا وڏا قومي مسئلا، آمريڪي-يورپي براعظمي جارحيت ۽ سامراجيت جو نتيجو آهن. ايشيائي دنيا جا سمورا کنڊ، جيڪڏهن براعظميت (Continentalization) جي تصور هيٺ، گڏيل سهڪاري ادارا (Cooperative Institution) قائم ڪن ۽ پنهنجين پنهنجين رياستن جي گڏيل رهنمائي ڪرڻ ۽ دفاع ڪرڻ (Defence) لاءِ براعظمي سطحن تي جوڳا قدم کڻن ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شق ڪونهي ته ايشيا ڌرتي تي پرامن ۽ خوشحال معاشي جمهوري دنيا قائم ڪرڻ طرف وڌي سگھي ٿو ۽ انجي اڳواڻي به ڪري سگھي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي جو ٺهڻ..! 

خادم رند پاڪستان ۾ 25 جولاءِ تي ٿيل عام چوندن جي شفافيت ۽ غير جانبداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے