16 منگل , اکتوبر 2018

ريڊيو پاڪستان قومي خدمت کان نيلامي تائين

مسلم ميراڻي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ريڊيو پاڪستان) هيڊ ڪواٽرز اسلام آباد جي 7 ماڙ بلڊنگ کي ليز تي ڏئي جو اعلان ڪيو آهي ان حڪومتي اعلان کانپوءِ ڪاغذي ڪارروائي جي تياري زور ۽ شور سان جاري آهي ته ريڊيو پاڪستان جي بلڊنگ کي خالي ڪرائي ۽ ريڊيو پاڪستان جي هيڊ ڪواٽرز کي ريڊيو اڪيڊمي ۾ منتقل ڪيو ويندو. حڪومتي اعلان کانپوءِ ريڊيو پاڪستان جي ملازمن ۽ عوام احتجاج ڪندي نامنظور ڪري ڇڏيو آهي ته ڇو پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ قومي اثاثي جي حيثيت رکندڙ بلنڊنگ کي لنڊي جي مال وانگر نيلام ڪندي. ياد رهي ته ريڊيو پاڪستان جي اها اربن رپين جي ماليت جي ريڊ زون ۾ قائم بلڊنگ ملڪ ۽ قوم  جي لاءِ کربين رپين کان به قيمتي آهي. ريڊيو پاڪستان اهو ملڪ جو واحد ادارو آهي جنهن آزادي جي اعلان کي نشر ڪري قوم کي مبارڪون پيش ڪيون ۽ باني پاڪستان قائد جي اعظم جي تقريرن سميت  اهم سياسي ماڻهن ۽ ملڪي عهديدارن جي آواز کي نشر ۽ محفوظ ڪيو.ريڊيو پاڪستان جي بلڊنگ جو افتتاح پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽي 27 اپريل 1972 ۾ ڪيو هيو ۽ ملڪ جا سربراهه ۽ اهم شخصيتون پنهنجون ياديون نقش ڪرائينديون رهيون. ريڊيو پاڪستان جو ڪرادار زبانن ۽ لوڪ ادب جي ترقي جي لاءِ ڪنهن کان به ڳجهونه آهي. ريڊيو پاڪستان هوا جي لهرن تي پنهجو آواز سياچن جي برفيلي جبلن کان وٺي رڻ ڪڇ جي بيابابن ۽ مڪلي کان کارو ڇاڻ، روهي، ٿلهه ۽ بلوچستان جي ڪارن پهاڙن کان وٺي قبائلي علائقن ۽ سرحدن کان ٻاهر پهچائيندو رهيو آهي.

تاريخ گواهه آهي ته ريڊيو پاڪستان  1965 ۽ 1971 جي پاڪ ڀارت جنگين ۾‌ ملڪ جي نظرياتي سرحدن جي حفاظت ڪندي اهڙا نغما  تيار ڪيا جن هٿيارن کان به وڌيڪ ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ اهو مشهور آهي ته ريڊيو پاڪستان جا گيت بڻيا هٿيار ۽ اهو رڳو اعزاز ريڊيو پاڪستان جي ڪم ڪندڙ ملازمن، شاعرن ۽ اديبن کي حاصل آهي جن اهڙا ته قومي گيت ترانا ٺاهيا جن کي ٻڍي قوم جي پٽن پنهنجن جانين جا نظرانا ڏنا. ريڊيو پاڪستان پاڪ ڀارت جنگين ۾‌ ميڊيا وار ۾‌ بنيادي ڪردار ادا ڪندي مخالف ڌر خلاف اهڙا ته راڳ ۽ ناٽڪ ٺاهيا جن ڀارتي فوجن کي منجهائي ماري وڌو اها ڳالهه ريڪارڊ تي آهي ته تاشقند معاهدي کان اڳ ڀارت اهو شرط رکيو ته سڀ کان پهريائين ريڊيو پاڪستان جا اهي ناٽڪ بند ڪرايا  وڃن1960 هجي يا 1970 يا وري هجي 2010 جي ٻوڏ ريديو پاڪستان بندن جي چوڪيداري کان وٺي ٻوڏ جي آگاهي، بچاءُ ۽ حڪومتي اپائن کان وٺي ٻوڏ ستايلن جي بحاليءَ تائين پهنجو فرض ادا ڪندو رهيو آهي. 2005 جو زلزلو هجي يا وري سامونڊي طوفان  ريڊيو پاڪستان ڏينهن رات خيما کوڙي هن قوم جي خدمت ڪئي آهي. ملڪ جي جنگ هجي يا وري ڪا قدرتي آفت هن ڏيهه ۾ ريڊيو پاڪستان جو ڪو به ثاني نه آهي. روس جي خلاف افغان جنگ ۾‌ ريڊيو پاڪستان جي دري سروس جي عارف جلاليءَ جي ريڊيو ٽاڪ آغا جي ۽ برخردار جون تعريفون ته آمريڪي به نه ٿڪندا هيا ته ريڊيو پاڪستان ذهني جنگ کٽڻ ۾تمام وڏي مدد مهيا ڪئي آهي. ريڊيو پاڪستان هر ميدان ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي چاهي تفريع هجي يا راڳ رنگ هجي يا حالت حاضره، زراعت هجي يا معيشت، عورتن جي ترقي هجي يا وري ٻارن جي نشو نما، وڏن جو ادب  هجي يا نوجوان جي لاءِ تعليم انهن سڀني ميدانن ۾ ريڊيو پاڪستان جو ڪوبه مقابلو نه آهي. ريڊيو پاڪسان حيدر آباد هجي يا خيرپور يا وري اسلام آباد ڪراچي ان جو آواز پوري ملڪ ۾‌ٻڌو ويو آهي. ريڊيو پاڪستان جا ڊراما، پروگرام ۽ راڳ جو محفلون سڀني کي ياد هونديو ته ڪيئن ريڊيو پاڪستان راڳي تيار ڪيا ۽ ڪيئن لکهاري ۽ ساڳئي نموني سان شاعر ۽ اديب تيار ڪيا ويا.

مٺي کان وٺي چترال، گلگت بلتستان تائين ريڊيو پاڪستان جي ڪوئل ڪوڪي رهي آهي. شاهه سائين، سچل، سامي، خواجه فريد، بابا فريد، رحمان بابا، مست توڪلي، ميان محمد بخش، خوشحال کان خٽڪ، فيض، اياز، استاد بخاري ۽  تبسم جي گيتن جي پروڙ ڪندڙ‌ ريڊيو پاڪستان اڄ پاڪستان تحريڪ انصاف جي نيلاميءَ جي وار تي آهي. شايد پاڪستان تحريڪ انصاف اهو وساري ويٺي آهي ته جڏهن طالبان پاڪستان جي قبيلائي علائقن ۾ قابض ٿيا هيا ته انهن سڀ کان پهريائين فنڪارن، گلوڪارن ۽ راڳ ۽ ساز کي ختم ڪيو هيو ۽ ان کانپوءِ ملا فضل الله جو خوني ريڊيو وڳو هيو جنهن قبائلي ۽ خيبرپختونخواه ۾ قيامت برپا ڪئي هئي ۽ اهو ئي ريڊيو پاڪستان هيو جنهن جهاد ۽ شهادت جي رتبي ۾‌فرق واضع ڪيو هيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي اها تحقيق ڪرڻ‌ جي ضرورت آهي ته آپريشن سوات هجي يا وري آپريشن ضرب عضب، يا وري راهه نجات يا وري راهه راست يا وري هجي آءِ ڊي پيز جي حجرت يا بحالي اهو سڀ ريڊيو پاڪستان جي ڪردار بغير نا ممڪن هيو. اڄ جڏهن ميڊيا پنهنجي پنهجي مفادن جي جنگ ۾ الجهيل آهي تڏهن به ريڊيو پاڪستان دين ۽ دنيا جي ڀلائي سميت تعليم، آگاهي ۽ تفريع جي نعري سان ڪم ڪري رهيو آهي.

ريڊيو پاڪستان جي اسلام هيڊڪواٽرز ۾ ريڊيو پاڪستان اسلام، سينٽرل پروڊڪشن يونٽ جنهن کي يو ايس ايڊ لکين ڊالر جي امداد سان ڊجيٽلائيز ڪيو آهي، ايم ايف 101، ورلڊ سروس، نيوز ائيد ڪرنٽ افئيرس چيئنل، صوت القرآن سميت ايڊمنسٽريشن، فناس ۽ انجنيئرنگ يونٽ جون ٽرانسميشن مشينون قائم ڪيل آهن جنهن جي ڪري پوري ملڪ ۾ ريڊيو پاڪستان جو ڪميونيڪيشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ جو نظام هلي رهيو آهي. ڪجهه سال پهريائين جپان حڪومت جي 3 بلين جي امداد سان ريڊيو پاڪستان جو (ايم سي آر) مين ڪنٽرول سسٽم، اسٽوڊيوز ۽ ڊجيٽل ميڊيم ويوز ٽرانسميٽر ڏنا ته جيئن پاڪستان علائقائي زبانن سميت دهشتگردي ۽ جنونيت پسند سوچ جو خاتمو آڻي سگهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي نه ئي لوڪ ادب ۽ زبانن سال ڪو لڳاءُ آهي نه ئي وري دهشتگردي ۽  جنونيت پسندي جي خاتمو سان ڪو سروڪار آهي.

ريڊيو پاڪستان  ڪيترو اهم ۽  انمول آهي اهو ڪو جرمن، جاپاني ۽ آمريڪن کان ئي پڇي ته انهن ڇو لکين ڊالرن جي امداد ڏئي رڳو زبانن جي ترويج ۽ راڳ ۽ رنگ جي ترقي ۽ جنونيت پسند سوچ جي خاتمي جي لاءِ ريڊيو پاڪستان کي اپ گريڊ ڪيو. ياد رهي ته حڪومت اهو اعلان ڪيو هيو ته ريڊيو پاڪستان جي بلڊنگ ۾ ٽاپ ڪلاس جي ميڊيا يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي پر سوال اهو آهي ته ڪيتريون ۽ ڪنهن جي لاءِ اهي ٽاپ ڪلاس يونيورسٽيون  ايوان صدر، وزير اعظم هائوس ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ شاهراه هدستور جي ريڊ زون ۾ قائم ڪيون وينديون. هن ملڪ ۾ ته اڳم ئي گهڻيون سرمائيداراڻي نظام تحت اهي ٽاپ ڪلاس يونيورسٽيون قائم آهن جيڪي لکين رپين جي عيوض تعليم وڪرو ڪري رهيون آهن. جيڪڏهن توهان  کي ايترو ئي شوق آهي يونيورسٽيون ٺاهڻ جو ته پوءِ  سڀ کان پهريان ملڪ  ۾ موجود انهن پبلڪ يونيورسٽين کي ٽاپ ڪلاس بڻايو وڃي جتي عام ماڻهن جا ٻار پڙهي رهيا آهن. پر شايد حڪومت نالو يونيورسٽيءَ جو وٺي رهي آهي ۽ ٺاهن اتي هوٽل چاهي رهي آهي ان ڪري سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري يونيورسٽي ٺاهن واري خبر تان فري ويو ته ان کي خبر نه آهي ريڊيو پاڪستان جي بلڊنگ ۾ ڇا ٺهندو پر اها خالي ضرور ڪرائي ويندي.

شايد پاڪستان تحريڪ انصاف ريڊيو پاڪستان مان ذوالفقار علي ڀٽي، محترمه بينظير ڀٽو، يوسف رضا گيلاني، ميان نواز شريف، احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيز جو تختيون ۽ يادون هٽائڻ جي لاءِ ان بلڊنگ کي خالي ڪرائي رهي آهي يا وري پهنجي ڪنهن فنانسر کي نوازڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.

هن ريڊيو پاڪستان جي بلڊنگ ۾ جتي ريڊيو پاڪستان جي پهرئين ڊائريڪٽر جنرل زيد اي بخاري جي نالي آڊيٽورم هجي ۽ شهنشاه غزل مهدي حسن جو هال سان گڏ ملڪ جي فنڪارن ۽ صداڪارن، دانشورن جون تصويري يادون محفوظ هجن اتي ڀلا ڪير ٿو ٺاهي سگهي ڪو 7 اسٽار هوٽل يا ٽاپ ڪلاس جي اميراڻي يونيورسٽي. حڪومت کي ياد رکڻ کپي ته ريڊيو پاڪستان عوام جي ٽيڪس جي پئسن تي ئي هلي رهيو آهي ته ڪنهن به فرد واحد جي ملڪيت نه آهي ۽ ريڊيو پاڪستان جي بلڊنگ، زمينون ۽ مال ملڪيت تي ڪنهن مافيا جو قبضو ڪرڻ ايترو آسان نه آهي جيترو سمجهيو پيو  وڃي ۽ اهو وقت پري نه آهي جڏهن پاڪستان تحريڪ  ملڪ گير احتجاج کي ڏسي  يو ٽرن وٺي فيصلو واپس وٺندي.

پاڪستان تحريڪ انصاف کي جيڪڏهن ٽاپ ڪلاس جي  شيءِ ٺاهڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته پوءِ ان ساڳي ئي شاهراهه دستور تي ٽئن ٽاور بلڊنگ ۾ وزير اعظم عمران خان جا ڪروڙين ماليت جا ٻه فليٽ آهن ۽ ان بلڊنگ کي عدالت غير قانوني قرار ڏئي چڪي آهي ۽ ان بلدنگ ۾ نه ئي قوم جو ورثو محفوظ آهي نه ئي ڪي يادون، پوءِ ڇونه پاڪستان تحريڪ انصاف اتي ٽاپ ڪلاس هوٽل يا يونيورسٽي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وچ اوڀر کنڊ (ڳاڙهو کنڊ) جي عظيم الشان تاريخ ۽ اڄ جون ڪمزوريون

پريم مٿراڻي آخري حصو وچ اوڀر جو غير تاريخي سرمائيداري تصور وچ اوڀر کنڊ، هن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے