21 اتوار , اکتوبر 2018

آمريڪا- ايران جا لاڳاپا ۽ افغانستان

دردانه نجمه

ايران هميشه پر امن افغانستان جو خواهشمند رهيو آهي،  تنهنڪري ڪيتري ئي عرصي کان ايران طالبان لاءِ پنهنجا درواز کولي رکيا آهن. اها هڪ پراڻي چوڻي آهي ته جنگ سٽيل ملڪ ۾ امن کي هڪ موقعو ڏيڻ گهرجي. علائقائي حوالي سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ هر هڪ وٽ ڪونه ڪونه رستو ۽ ذريعو پئي رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا وٽ پڻ طالبان تائين پهچ جو ذريعو رهيو آهي ۽ سڀني جي ڪوشش پئي رهي آهي ته طالبان سان ڳالهين دوران ڪن گڏيل نقطن تائين پهچي سگهون.

ايران جي افعانستان منجهه دلچسپي نه صرف هڪ پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان آهي پر ان کان وڌيڪ ايران جي افغانستان ۾ دلچسپي افغان شيعه ڪميونٽيءَ جي ڪري آهي جيڪا مجموعي آباديءَ جو 20/ سيڪڙو آهي، افغانستان ۾ سني ڪميونٽي 80/ سيڪڙو آهي. ايران افغانستان ۾ نرم سفارتي تعلقاتن کي قائم رکندي اسڪولن ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ ڪافي خرچ پڻ ڪيا آهن. تنهنڪري افغانستان جي حوالي سان جيڪڏهن اسان کي معلومات حاصل ڪرڻي پوندي ته اها اسان کي افغان عوام ۽ حڪومت ئي فراهم ڪري سگهندي نه ڪي آمريڪا يا ان جا اتحادي فراهم ڪري سگهندا.

جيئن ئي ٽرمپ حڪومت قائم ٿي آهي ته آمريڪا جا ايران سان تعلقات بگڙجندا ويا آهن، ٽرمپ انتظاميه ايران جي جوهري پاليسيءَ ڪري مٿس ڪيتريون ئي پابنديون مڙهيون جڏهن ته آمريڪا پنهنجن اتحادين تي اهو به  دٻاءُ وڌو ته اهي ايران سان خاص ڪري پنهنجا واپاري تعلقات ختم ڪن . ٽرمپ انتظاميه پاران ايران خلاف اهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ واري عمل کي سندن جي اتحادين ۽ ساٿين هڪ انتهائي اٻهرو قدم قرار ڏنو. ايران جو معاملو آمريڪا لاءِ ڪيترن ئي رخن کان اهم آهي جو ايران هڪ ته ايٽمي ملڪ آهي ۽ ٻيو ته وچ اوڀر جي سياست ۾ ان جو جائزو اسرائيل ۽ سعودي عرب جي تعلقاتن جي پس منظر ۾ ورتو وڃي ٿو.

ايران تي جيڪي هاڻوڪيون پابنديون لڳايون ويون آهن، انهن جا پڻ ٻه مقصد آهن هڪ ته ايران کي مجبور ڪجي ته هو پنهنجي جوهري منصوبن بابت ڳالهه ٻولهه ڪري ۽  انهن کي محدود ڪري ۽ ٻيو ته يمن، سيريا ۽ لبنان ۾ پنهنجي مداخلت ختم ڪري.آمريڪا جي قومي سلامتيءَ جي صلاحڪار جان بولٽن جو چوڻ آهي ته ،”اسين ايران جي حڪمرانن جي تبديليءَ ۾ دلچسپي نه ٿا رکون پر اسان جي دلچسپي اها آهي ته ايران جا حڪمران پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻين“،    ايران تي آمريڪا طرفان مڙهيل پاليسيون 5- نومبر 2018ع تائين جاري رهنديون. جڏهن ته آمريڪا جي پرڏيهي سيڪريٽري مائڪ پومپيو آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ اندر ايران ايڪشن گروپ جوڙيو آهي جيڪو آمريڪا جي انهن اتحادي ملڪن سان ڪنهن قدر سختيءَ سان پيش اچڻ جو حامي آهي جيڪي ايران سان واپاري تعلقاتن ۾ سختي نه ٿا آڻين.

آمريڪا پاران گذريل سال افغانستان لاءِ جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي هُئي ان  بعد آمريڪا افغانستان جي اندر وڌ کان وڌ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي ڪري هاڻي هر روز افغانستان ۾ جهڙپن ۽ مقابلن ۾ ماڻهن جي مارجڻ جو انگ وڌي رهيو آهي.  17- جون 2017ع تي آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ جنگ بندي ٿي هُئي ان جي خاتمي بعد حالتون وڌ کان وڌ خراب ٿي رهيون آهن. جنگ بنديءَ جي خاتمي بعد ڪندوز، شيب ڪولي، امير ديرا، فرح سٽي وارن علائقن ۾ ڪيترائي ڌماڪا ٿيا آهن. جڏهن ته ڪجهه ئي ڏينهن اڳ غزنيءَ ۾ ٿيل آپ گهاتي بم ڌماڪي ۾ سو جي لڳ ڀڳ آمريڪي سپاهي ۽ ويهه شهري مارجي ويا هيا،

افغانستان ۾ سترنهن سالن جي شديد جنگ بعد آخر ڪار آمريڪا کي اهو احساس ٿي ئي ويو ته هاڻي جنگ بند ٿيڻ گهرجي ۽ طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڪا نه ڪا راهه ڪڍڻ گهرجي ته جيئن افغانستان ۾ امن قائم ٿئي. ٻئي پاسي اها به ڊاڪٽرائين عام ٿي رهي آهي ته آمريڪا افغان معاملي ۾ ٻن اهم ملڪن روس ۽ ايران کي پڻ معاملي کان ٻاهر ڪري ان جو حل تلاش ڪري رهيو آهي. جيڪا ڳالهه هڪ دفعو ٻيهر زميني حقيقتن کي رد ڪرڻ جي برابر آهي. افغانستان هڪ لساني طور تي هڪ گهڻ لساني ملڪ آهي جڏهن ته افغانستان ۾ مذهبي ايڪايون به هڪ کان وڌيڪ آهن جڏهن ته قبائلي سماج هجڻ جي ڪري مسئلي جو حل ويتر مشڪل ٿي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته افغانستان ۾ “ پختون” نسل جا ماڻهو ٻين سڀني نسلن ۽ قبيلن جي خلاف آهن ۽ ان ٻين جي خلاف هجڻ واري مطالبي ۽ سياست کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. معاملن کي حقيقتن جي پس منظر ۾ نه ڏسڻ سان نقصان ئي ٿيندا. انڊو- پيسفڪ واري ريجن ۾ آمريڪا هندستان، روس، ايران چائنا ۽ پاڪستان سان پنهنجن تعلقاتن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوششن دوران افغانستان کي مڪمل طور نظر انداز ڪري رهيو آهي جيڪا ڳالهه پڻ افغانستان لاءِ بهتر نه آهي.

آمريڪا جن ملڪن سان ويجهڙائي رکي ٿو، اهي ملڪ کيس ائين ڪرڻ کان روڪي رهيا آهن انهن جو آمريڪا کي چوڻ آهي ته آمريڪا سياسي مداخلت ۽ اقتصادي اثر واري رجحان کان ٻاهر نڪري.۽ رڳو ايران ۽ روس جي ڪري وچ اوڀر ۾ رهڻ تي اسرار نه ڪري ۽ وچ اوڀر مان ٻاهر نڪري ته جيئن حالتون وڌيڪ تباهيءَ طرف نه وڃن.  هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ئي قائم ملڪ جن ۾ فلپئان، مالديپ، جاپان ۽ هندستان قائم آهن  انهن سمورين رياستن جي آمريڪا کي اها ئي صلاح آهي ته آمريڪا هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ چڪتاڻ کي نه وڌائي ڇو جو انهن ٻنهي سمنڊن ۾ چين موجود آهي. آمريڪا انهي سموري علائقي جي ملڪن سان جهڙوڪر لٺ ۽ چٽ جي حوالي سان تعلقات قائم رکيون پيو اچي جيڪو عمل سفارتي تعلقاتن جي بين الاقوامي سفارتي تعلقاتن جي منافعي آهي.

اها هڪ عام فهم ڳالهه آهي ته وائيٽ هائوس ۾ ٽرمپ کي هڪ مخصوص گروپ اهڙا عمل ڪرائي رهيو آهي جن سان آمريڪا جا جمهوري قدر متاثر ٿي رهيا آهن. اها حقيقت آهي ته روس، پاڪستان، چين ۽ ايران آمريڪا جي لٺ نه ته برداشت ڪندا ۽ نه ئي آمريڪا جي تابع رهندا يا وائٽ هائوس جي ٻي ڪنهن ايڊمنسٽريشن جا تابع رهندا.  آمريڪا جي پاليسين سان اختلاف راءِ رکندڙ ملڪن کي آمريڪا يرغمال بڻائي رکي اهو ممڪن ناهي . ايران سان عداوت بعد ڇا آمريڪا ڪو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهندو؟، چاربار جو مستقبل ڪهڙو ٿيندو؟؛ هندستان ڪهڙي راهه اختيار ڪندو جنهن جا آمريڪا ۽ ايران سان مفاد ورهايل آهن.

اهڙي سموري صورتحال متعلق هڪ ريسرچ اسڪالر ٽي ايس لومبارڊ جو چوڻ آهي ته ، ” ايران  هڪ طرفو ڪرڻ واري آمريڪا پاليسي ءَ جو سبب آمريڪا جو افغانستان ۾ مفادن جو  هجڻ آهي“، ته جيئن افغانساتن کي پنهنجي واپاري تعلقات رکندڙ ملڪن کان پري ڪري سگهجي، جن سان ان جا ڊگهي وقت کان تعلقات قائم آهن. ٽرمپ انتاظميه جي ڪوشش آهي ته انفغانستان جي معيشت کي هڪ ٻيو جهٽڪو ڏجي اهو به ان وقت جڏهن حڪومت طالبان کي جهڙوڪر نئين توانائي فراهم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلي، خوشحالي ،سازش ۽ مهانگائي!

شفيق الرحمان شاڪر خيرن سان خوشخبري اها آهي ته  2018ع جي عام چونڊن ۾ ٿيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے