21 اتوار , اکتوبر 2018

سوچ ۽ دليل تي غور ڪرڻ جي گنجائش

مهتاب اڪبر راشدي

عمومن دنيا ۾ ايئن ٿيندو آهي ته مجوزه چونڊن کان اڳ ۾ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار ۽ انهن جا حمايتي هڪ ٻئي لاءِ مخالفت جو طوفان برپا ڪيون ويٺا هوندا آهن، الزام تراشين ۽ نااهليءَ جي طعنن جا دفتر کليل هوندا آهن، زباني جنگ زورن تي هوندي آهي، عام ماڻهن لاءِ پنهنجي منشور ۾ ساون، ڳاڙهن ۽ ”ڪارن“ هر قسم جي باغن جا خواب ڏيکاريندا آهن ۽ حڪومت ملڻ جي صورت ۾ پنهنجي هدفن لاءِ حڪمت عملي جوڙيندا آهن، چونڊون ٿيڻ کان پوءِ هارائڻ وارا هٽي هڪ طرف ٿي ويندا آهن ۽ فاتح جماعت کي مقرر مدي لاءِ حڪومت ڪرڻ جو پورو موقعو مهيا ڪيو ويندو آهي، ان عرصي ۾ پارليامينٽ ۾ وقت سارو ۽ موقعو ڏسي تنقيد به ڪئي ويندي آهي پر ”جمهوري“ روايتن ۽ طريقيڪار جي پاسداري ڪندي هنن جا ترا ڪڍڻ بجاءِ سندن ڪمزورين تي نظر رکندي ايندڙ چونڊن جي تياري ڪئي ويندي آهي.

اسان وٽ وري ان جي ابتڙ معاملو آهي چونڊن ۾ ته بدتميزي جو طوفان متل هوندو ئي آهي، پر اصل ڪم نئين حڪومت جي ٺهڻ کان پوءِ شروع ٿيندو آهي نه نئين چونڊيل وزيراعظم کي مخالف ڌر (پنهنجو) ملڪ جو وزيراعظم تسليم ڪندي آهي ۽ نه ئي اها تعظيم، تڪريم نظر ايندي آهي، جيڪا هڪ سربراهه حڪومت جي ٿيڻ کپي. بلڪه مخالف پير کوڙي مخالفت شروع ڪري ڏيندا آهن، اهڙا طريقا اختيار ڪندا آهن ته جيئن حڪمرانن کي ايڏو بيزار ڪن جو اهي توبهه ڪري ڀڄي وڃن، پر ايئن ڪڏهن ٿيو ڪونهي. حڪومت جو نشو به ڪو اهڙو (نڀاڳو) نشو آهي جو جنهن به ان جي چُڪي  چکي آهي سو چريو ئي ٿيو آهي. سو جيستائين پاڻ ذليل ۽ خوار ٿي، زوريءَ  لاٿو نٿو وڃي (جيئن ڪجهه سال اڳ اسان وٽ دستور هوندو هو) تيستائين ڪرسيءَ تي صمد بانڊ يا ايلفي سان پاڻ چنبڙايون ويهي رهڻ سندن دستور ۾ شامل هو، پر هاڻ ڇاڪاڻ ته ”جمهوريت“ پنهنجا پير پختا پئي ڪري، ان ڪري هر حڪومت پنهنجو ”مدو“ پورو ڪري اقتدار عبوري حڪومت جي حوالي ڪري نيون چونڊون وڙهي، کٽڻ جي صورت ۾واهه واهه ۽ هارئڻ جي حالت ۾ سازش ۽ چونڊن ۾ بي ايمانيءَ جا نعرا هڻندي ميدان ۾ لهي پوندي آهي.

اسان جي ملڪ ۾ اهو ئي تماشو هلندڙ آهي، پيپلز پارٽي سنڌ ۾ حڪمران آهي، چونڊن ۾ پنهنجي اندازي کان وڌيڪ سيٽون کنيون اٿس پر ٽن صوبن ۾ ٻهارجي وڃڻ ڪري کيس ”اتي“ بي ايماني ٿيندي نظر ٿي اچي، جڏهن ته سنڌ ۾ (جتي سڄي انتظاميا سندن هئي ۽ سندن پاسي هئي) فرشتن جهڙن رٽرننگ آفيسرن ايمانداريءَ ۽ صاف ۽ شفاف چونڊن جا رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جو ته ستارو ئي چڪر ۾ آهي. ان ڪري انهن جي وات ۾ هنن خلاف عالمي سازش، عدليه جي سازش، اسٽيبلشمينٽ جي سازش، نيب جي سازش، سڀئي هڪ وقت ڪار فرما نظر پيون اچن، ساڳي ويڌن مولانا، فضل الرحمان، اسفند يارولي ۽ اچڪزئي سان آهي ۽ جيئن اڳ لکي چڪي آهيان ته عمران خان جي نومولود، اٻهري ناتجربيڪار حڪومت سڀني هيانوَ سڙيلن سان چومکي ٿي وڙهي.

مهيني گذرڻ کان پوءِ صورتحال هيءَ آهي ته حڪومت پنهنجي پهرين بجيٽ پيش ڪئي آهي، ٻيا صوبا به ان مرحلي مان گذرن پيا. وزيراعظم عمران خان، ڀلي پار جو غيرملڪي دورو ڪري نون واعدن ۽ لالي پاپ سان گڏ موٽيو آهي، ڀاشا ڊيامير ڊيم جي اڏاوت تي ته سڀئي صوبا راضي هئا پر عزت ماب جناب چيف جسٽس صاحب ڪالاباغ ڊيم ٺاهرائڻ  جو شوشو ڇوڙي ککر ۾ کڙو هڻن کان پوءِ هاڻ ته ماٺ ٿي ويهي رهيو پر ڊيم جي حمايت نه ڪرڻ وارن کي آئين جي آرٽيڪل 6 مطابق غدار قرار ڏيڻ واري بيان کان پوءِ ته نه رڳو پاڪستان ۾ هڪ ٻيو بحث شروع ٿي ويو آهي بلڪه سنڌ جي مٿان گهور ٿيڻ وارا پنهنجي ”اگهور“ ننڊ مان اوچتو سجاڳ ٿي، فيس بڪ تي ”غدارن“ جي فهرست ۾ پنهنجا نالا پيا لکرائن. احتجاج به شروع آهن ته سيمينار به چالو آهن، اسان سنڌي وري متحرڪ آهيون ۽ بيدار به.

ڊيم واري معاملي تي هاڻي ٻه بحث شروع ٿي ويا آهن، پهريون هي ته جڏهن ڀاشا ڊيم تي ڪٿان ڪنهن به قسم جي مخالفت ڪو نه ٿي ته پوءِ ڪالاباغ ڊيم جو قصو ڇو چوريو ويو. ٻيو سوال اهو اٿاريو ويو آهي ته ”ڊيم“ جو ٺاهڻ بذات خود هڪ نقصان ڏيندڙ عمل آهي ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ اهڙي قسم جي منصوبن جي نفي ڪرڻ کپي، اسان وٽ اول ته ڪنهن به ڳنڀير معاملي تي اتفاق راٰءِ پيدا ڪرڻ جي عادت ئي ناهي، وقت جي هر حڪومت خاص طور تي آمراڻينحڪومتن ته ڪنهن به ملڪي معاملي ۾ ڪڏهن به عام راءِ کي هموار ڪرڻ جي يا ماڻهن/صوبن يا ڪنهن ماهراڻا راءِ کي ٻڌڻ جي زحمت ڪئي ۽ نه ئي ان کي اهميت جي قابل ئي سمجهيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو صوبا اڪثر مرڪز کان شاڪي رهيا. پنجاب جي وڏي صوبي هئڻ ۽ فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ جو گهڻي ڀاڱي پنجاب سان تعلق هئڻ ڪري به مٿس اعتبار ۽ اعتماد جي کوٽ نظر اچي ٿي. سنڌ سان تعلق رکندڙ جڳ مشهور آبپاشي ماهرن جي راءِ کي ويچار هيٺ ئي ڪو نه آندو ويو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ ڪو به سنڌي ڪالاباع ڊيم جو نالو ٻڌڻ لاءِ ئي تيار ناهي، اهي ان کي پنهنجي جيئڻ لاءِ ڪاريهر نانگ تصور ٿا ڪن.

اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿو ٿئي؟ ان جو سبب اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۽ اسٽيبلشمينٽ وٽ آزاد سوچ ۽ آزاد بحث جي گنجائش ئي ناهي. اسان اهو وساري ٿا ويهون ته وقت سان گڏوگڏ سماج به بدلبو رهندو آهي، ان سان گڏوگڏ ضرورت آهر قانون به مٽبا آهن ان ڪري هميشه  اها گنجائش رکبي آهي ته نون خيالن ۽ منصوبن تي آزاديءَ سان بحث ڪري سگهجي. اسٽيبلشمينٽ ته وري ايڏا بند دماغ ڌاريا آهن جو جيڪڏهن ڪو ٻاهران جو پڙهيل لکيل ڪو اتي جو خيال کڻي اچي ته ان کي فورن مغربي ملڪن جو ”ايجنٽ“ قرار ڏئي هن جي سوچ کي ئي مشڪوڪ بڻائي ڇڏينداسين.

اسان اهو وساري ٿا ويهون ته اڄوڪي دنيا ۾ سماجي علم (Social Science) جي وڏي اهميت آهي، معاشري جي ٻڌي يا ايڪتا لاءِ ان ۾ موجود هر اداري تي بحث ڪرڻ جي گنجائش هوندي آهي، ان ڪري ضروري آهي ته ادارن تي به بحث ڪرڻ جي اجازت هجي. هن مهل اسان وٽ نون خيالن جي نه هئڻ وارو به وڏو بحران آهي ته ڳالهه ”نه ٻڌڻ“ وارو به بحران آهي. بس اهو ئي فيصلو هوندو آهي ته ”جيڪو اسان ٿا چئون اهو ئي صحيح آهي“. جون ايليا شايد ڪنهن اهڙي ئي صورتحال کي پرکيندي اهو چيو هو ته ”مهرباني ڪري سوچيو! پاڻ ۾ سوچڻ جي چڱي عادت وجهو ۽ ان ڳالهه تي به غور ڪريو ته جيڪي ڪجهه ٻيا سوچي رهيا آهن اهو به سچ ٿي سگهي ٿو. ڇو ته نه توهان آسمان تان لٿا آهيو ۽ نه ئي توهان جا حريف“.

ان تي به غور ڪيو ته عظيم/بيدار دماغ هميشه وڏن منصوبن ۽ تصورن (Vision)  تي غور ڪندا آهن ڪي وري واقعن کي بحث هيٺ آڻيندا آهن پر ڪمزور ۽ ننڍا دماغ رڳو ماڻهن کي زير بحث آڻيندا آهن پنهنجي معاشري ۾ ڏسندئو ته اسان وٽ شخصيتون ئي بحث هيٺ هونديون آهن. جيڪي يا ته تمام سٺيون ليکبيون آهن يا وري تمام خراب پر اهي دماغ ۽ اهو Vision رکڻ وارا دماغ يا ته آهن ڪو نه يا وري آهن ته انهن جي سوچ مان فائدي وٺڻ جا خواهشمند ئي اڻلڀ آهن.

پاڪستاني سياست جي تناظر ۾ نئين حڪومت جي مستقبل جي منصوبابندي ۽ حڪمت عمليءَ کي به اختلافي ۽ شڪ شبهن ۾ مبتلا ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي، جنهن ۾ حڪومت جي پنهنجي وائڙائپ به برابر جو حصو پئي وجهي. عمران خان جو ڊيم لاءِ فنڊ ڪٺي ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر ماڻهن کي هٿ ونڊائڻ جي اپيل تي به اهڙي سڪ جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ماڻهن کي ياد ڏياريو پيو وڃي ته جنرل ضياءَ الحق جي دور کان وٺي 1995ع تائين پڻ ڪنهن ”تعليمي انقلاب آڻڻ لاءِ 65 ارب رپين جو ”اقراءَ“ سرچارج لڳايو ويو هو.ان پئسي ۽ تعليمي انقلاب جو ڇا ٿيو؟ نواز شريف جي ٻئي دور حڪومت ۾ ”قرض اتارو ملڪ سنوار“ جي نعري هيٺ ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين اربين رپين جا عطيا ڏنا. اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته قرض ڇو نه لٿو ۽ اهو پئسو ڪنهن جي کيسي ۾ ويو؟. مزي جي ڳالهه ته عمران خان جي ڊيم لاءِ فنڊ ڪٺي ڪرڻ واري رٿ جي سڀ کان وڌيڪ مخالفت ”ن“ ليگ ئي ڪري پئي، ڇو ته اهڙي نموني فنڊن جي خردبرد ڪرڻ جو کين ئي وڏو تجربو آهي.

نواز شريف جو ڌيءُ ۽ ناٺيءَ  سوڌو عدالتي حڪم تحت ضمانت تي (في الحال) اڊيالا جيل مان ٻاهر نڪرڻ ڪيترائي سوال اٿاريا آهن ماڻهن ۽ قانون جي ماهرن جا دلچسپ پر اهم تبصرا سامهون پيا اچن. قانوني ور وڪڙ ۽ موشگافيون ڪٿي وڃي ٿيون ڪم ڏيکارين، ان جون به ڪيتريون ئي تاويليون ۽ ”ڊيل“ ٿيڻ يا نه ٿيڻ جون ڳالهيون پيون ٻڌجن پر هزارين سال اڳ افلاطون جي چيل اکرن کان وڌيڪ ڪو مناسب تبصرو ئي نه ٿو ٿي سگهي جنهن هن قانون جي تشريح ڪندي چيو هو ته ”قانون ڪوريئڙي جو اهو ڄار آهي جنهن ۾ ننڍڙا جيت جڻيا ته ڦاسندا آهن پر وڏا جانور ان کي ڦاڙي نڪري ويندا آهن“.

قانون ۽ ان جون تشريحون، جيل ۾ ڪير رهندو ۽ ڪير ڪيئن نڪري سگهي ٿو؟ اهو بحث ان لاءِ  ٻه اهم شخصيتون نواز شريف ۽ آصف علي زرداري اسان جي ملڪي قانون جي نظام ۽ انصاف جي اعليٰ ايوانن لاءِ هڪ وڏي آزمائش ۽ امتحان پڻ آهي، انهن ”وڏن“ ماڻهن کي سڃو ڪرڻ لاءِ وري اوترائي وڏا وڪيل ميدان ۾ لٿل آهن جيڪي پنهنجي هڪ هڪ منٽ، هڪ هڪ دليل جي قيمت هاڻي ڪروڙن ۾ وصول ڪندا هوندا پوءِ چاهي اهو نواز شريف لاءِ مختصر عرصي لاءِ ئي سهي پر کين جيل کان ٻاهر آڻڻ وارو خواجا حارث هجي، ايان عليءَ کي رليف ڏيارڻ وارو لطيف کوسو هجي يا هاڻي آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ انور مجيد طرفان ڪيس وڙهندڙ ۽ ضمانتون ڏياريندڙ سابق سينيٽ جو چيئرمين فاروق ايڇ نائق هجي يا پيپلز پارٽيءَ جو ”سينيئر“ ميمبر ۽ معروف قانوندان اعتزاز احسن، قيمت هر ڪوئي وصول ڪندو هوندو. بقول ڪنهن هيانوَ سڙيي جي ته ”مافيائن کي پنهنجي اصل حيثيت جي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن انهن جو واسطو وڪيل سان پوندو آهي“.

فرينڪلن ته ايئن به چيو هو ته ”ٻن قانوندانن جي وچ ۾ ڦاٿل انهن جي هٿ ۾ آيل موڪل ايئن هوندو آهي جيئن ٻن ٻلين جي وچ ۾ ڪا مئل مڇي پئي هجي“. معنيٰ ته انهن نامور معزز سياستدانن ملڪ سان ۽ عوام سان جيڪا به جٺ ڪئي آهي سا ته پنهنجي جاءِ تي پر هاڻي قانون جي رستي ۾ لتاڙجڻ جو وقت هنن لاءِ به اچي بيٺو آهي. بس نتيجي جا منتظر رهو ۽ مشهور قانوندانن جي قانوني نقطن کان مستفيد ٿيندا رهو.

ان دوران پيپلز پارٽي به پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسي، سنڌ ۾ ڀلي ته ٻين سياسي پارٽين جي نااهلي، غيردلچسپي يا اسٽيبلشمينٽ جي ”راند“ جي نتيجي ۾ هو وڌيڪ سيٽون کڻي حڪومت ٺاهي چڪي آهي، پر پوين ڏهن سالن ۾ سنڌ سان ڪيل ڪلور ڪنهن کان وسريا ناهن، بلڪه سندن فيصلن جي نتيجي ۾ سوشل سيڪٽر خاص طور تي صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ جيڪا ڀينگ ٿي آهي، تنهن جا ڀيانڪ نتيجا ته هاڻي کين اکيون ڦوٽاري ڏسندا، اسيمبليءَ ۾ به موثر مخالفت لاءِ تيار رهن. سندن پاسي هاڻي نه، نثار کهڙو ۽ نه ئي سڪندر مينڌري جهڙو بردبار پارليامينٽرين موجود آهي، جيڪو مخالفين کي مدلل جواب ڏئي. اسيمبليءَ ۾ سندن پاران ڳالهائڻ وارو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ئي معتبر هوندو جيڪو ڳالهائيندو. اپوزيشن وارن جو ته ڪم ئي هر ڳالهه تي گوڙ ڪرڻ آهي سو ڪندا رهندا پر حڪومتي ڌر وٽان مطمئن ڪندڙ جواب شايد ئي ملن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۽ صوبائي خودمختياري سان هٿ چراند

علي محمد ميمڻ ملڪ ۾تبديلي واري نئين وفاقي سرڪار اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے