22 پیر , اکتوبر 2018

نيوز | مٺي : غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت

مٺي جي سول اسپتال ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف  بيمارين سبب وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن .

ڀارُو،محمد اسلم چانڊيو،امام علي بجير جي تازان ڄاول ٻارڙن مٺي جي سول اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو .

هلندڙ مهيني  غذائي کوٽ ۽ بيمارين سبب فوتي ٻارڙن جو تعداد 37  ٿي ويو آهي جڏهن ته  هلندڙ سال فوتي ٻارن جو انگ وڌي 463 ٿي ويو آهي.

ٿر ۾ ڪاري ڏڪار سبب حالتون انتهائي خطرناڪ ٿي ويون آهن پيئڻ جو پاڻي توڙي مال جو چارو ناپيد ٿي ويو آهي جنهن ڪري انسان توڙي جانور اذيت مان گذري ويا آهن.

سنڌ سرڪار پاران علائقي کي ڏڪار سٽيل قرار ويڻ باوجود اڃا تائين امدادي سرگرميون شروع نه ٿي سگهيون آهن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| چوهڙجمالي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ڇو نڪتا روڊن تي؟ وفاقي حڪومت کي ڪهڙو ڏنائون چتاءُ ؟ڄاڻي حيران ٿي ويندو

چوهڙ جمالي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پراان ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌري آبادڪاري خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے