24 بدھ , اکتوبر 2018

گورنر هائوس عوام جي ملڪيت آهي، عمران خان واعدو پورو ڪيو: چوڌري سرور

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته پنجاب جو گورنر هائوس عوام جي ملڪيت آهي، عمران خان چونڊن ۾ ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي.  چوڌري سرور صبح سوير گورنر هائوس جو دورو ڪيو ۽ شهرين سان رلي ملي ويو، شهرين ساڻس سيلفيون پڻ ڪڍيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري سرور چيو ته نئون نظام ڏئي رهيا آهيون، اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪري رهيا آهيون، صاف پاڻي جي فراهمي عوام کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته 70 سال جون خرابيون فوري طور ختم نه ٿينديون، وقت لڳندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڀارت کي سٺو پيغام ڏنو پر هنن بدقسمتي سان ڳالهين کي رد ڪيو، ڀارت کي اهڙي بيان بازي نه ٿي ٺهي. چوڌري سرور چيو ته ڳالهين جي دعوت کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو اهڙو وقت آيو ته قوم پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے