18 جمعرات , اکتوبر 2018

شاهه رخ، رنبير ۽ عاليا کانپوءِ جهانوي به سوئي ڌاڳو چيلنج ۾ ڪامياب

Shah رخ, Ranbir and the scholars, afterwards, succeed in a fiercely challenging challengeممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪار ورون ڌون ۽ انوشڪا شرما جي نئين ايندڙ فلم ”سوئي ڌاڳا“ جي مشهوري سوئي ڌاڳي جي انوکي چيلنج جاري آهي. ٻنهي اداڪارن پوري هندونستان کي سوڳي ڌاڳي چيلنج ۾ شامل ٿيڻ جو چيو آهي جنهن ۾ هن وقت تائين شاهه رخ خان سميت عاليا ڀٽ، رنبير ڪپور ۽ هاڻ جهانوي ڪپور به ڪامياب ٿي چڪا آهن. سوئي ڌاڳو چيلنج کي پورو ڪرڻ لاءِ 10 سڪينڊن اندر سوئي ۾ ڌاڳو وجهڻو آهي ۽ ڪامياب ٿيڻ بعد اهو ئي چيلنج پنهنجي دوست کي ڏيڻو آهي. اهڙي طرح جهانوي ڪپور سوشل ميڊيا انسٽاگرام تي سوئي ڌاڳو چيلنج ڪندي ويڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو هوءَ ۽ سندس ڀيڻ سوئي ۾ ڌاڳو وجهڻ جي ڪوشش ڪنديو آهن. جهانوي ڪپور ڏهن سيڪنڊن ۾ ڪاميابي سان چيلنج پورو ڪيو ۽ وري اهڙو ئي پنهنجن دوستن کي ڏنو آهي. جڏهن ته اڪشي ڪمار، ڪرن جوهر ۽ ادتيا راءِ ڪپور ان چئلنج ۾ ناڪام ٿيا پر هنن انوشڪا شرما ۽ ورون ڌون فلم جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. رنبير ڪپور ۽ ڪرن جوهر سان گڏ ملي ڪري اهو چئلنج ڪيو آهي جنهن ۾ رنبير ڪپور ڪامياب ٿيو جڏهن ته ڪرن جوهر کي سوئي ۾ ڌاڳو نه وجهڻ آيو جنهن بعد ٻنهي اهو چيلنج دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگهه کي ڏنو آهي.واضح رهي ته فلم” سوئي ڌاڳا“ ۾ انوشڪا شرما ۽ ورون ڌون جي جوڙي پهريون ڀيرو اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا جيڪا 28 سپٽمبر تي سئينما گهرن جي سونهن بڻجندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم ”ساهو“ جي رليز واري تاريخ پرڀاس جي سالگرهه تي پڌري ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) مشهور فلم ”باهو بلي“ جي اداڪار پرڀاس جي نئين فلم ”ساهو“ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے