21 اتوار , اکتوبر 2018

بلوچستان ۾ تيل جو وڏو ذخيرو هٿ

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي ڪڇي بولان ۾ تيل جو وڏو ذخيرو هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ماڙي پئٽروليم ڪمپني لميٽيڊ جي ترجمان اسد دراني ٻڌايو ته ذخيرو ماڙي پئٽروليم ڪمپني لميٽيڊ ۽ پاڪستان پئٽروليم لميٽيڊ جي گڏيل دريافت آهي. هن ٻڌايو ته شروعاتي طور تي سائيٽ تي 2 ٽيوب ويل لڳايا ويا جنهن ۾ هڪ مان 810 بيرل ۽ ٻئي مان 690 بيرل تيل نڪري رهيو آهي.  سندس چوڻ هو ته 1500 بيرل تيل جي روزاني پيداوار هڪ وڏي ڪاميابي آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته علائقي ۾ زمين هيٺ تيل جا وڏا ذخيرا موجود آهن. ترجمان ٻڌايو ته شروعات ۾ جيڪو تيل نڪري رهيو آهي اهو ٿورو چيڙهو آهي جنهن کي ڪراچي ۾ تيل صاف ڪندڙ ڪارخانن کي موڪليو ويندو جيڪي تجزيو ڪري ٻڌائيندا ته تيل جي ڪوالٽي ڪهڙي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچيءَ ۾ ننڍي چونڊ: ڪنهن ڪٿي ووٽ ڪاسٽ ڪيو؟

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ ننڍي چونڊ دورن ناليوارين شخصيتن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے