16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | نواب ولي محمد : پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاج ، علامتي بک هڙتال جو اعلان

نواب ولي محمد  ۾ دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ ۾ 26 سالن کان پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن  احتجاج ڪيو، آبادگارن پاران سڀاڻي کان نواب ولي محمد ۾ علامتي بک هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي .

آبادگارن خميسو ڀنڊ، ظفر علي چانڊيو، انور علي ٻگهيو، اعجاز سنگراهه، شهمير ٻگهيو، محمد راهو، عمران انڙ، غلام شبير سنگراهه ، حاجن زرداري، ڌڻي بخش ڪلوئي، نور احمد انڙ، قادر بخش کورکاڻي، خادم سنگراهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اجتجاج ڪيو .

آبادگارن الزام هنيو ته آبپاشي عملدار محمد بخش ڪورائي، ايس ڊي او بشير لاڙڪ ۽ ٻياواٽر ڪورسن تان لکين رپيا رشوت وٺي منڍ جي آبادگارن کي پڇڙيءَ جي آبادگارن جو پاڻي سالن کان وڪرو ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته سندن هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي، علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال آھي، ڪيترائي آبادگارن بي روزگاري سبب لڏپلاڻ ڪري ٻين علائقن ڏانهن هليا ويا آهن.

آبادگارن چيف جسٽس آف پاڪستان، ڊي جي رينجرز، وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين وس کان مطالبو ڪيو آهي ته دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي ڏئي آبادگارن جو معاشي قتلام بند ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| دولتپور صفن: آبادگارن  پاران پاڻي کوٽ خلاف بک هڙتال

*دولتپور صفن  ۾ آبادگارن ۾ پاڻي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي. قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے