23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | لعلورائنڪ : ڪالاباغ ڊيم، بنگالين ۽ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري عمل خلاف اجتجاج

لعلورائنڪ شهر ۾  ايس يو پي، شهيد بشير احمد تنيو يادگار سنگت ۽ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي سڏ تي ڪالاباغ ڊيم، بنگالين ۽ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري عمل خلاف اجتجاج ڪيو ويو .

سياسي ۽ سماجي ڌرين  احمد علي تنيو، شاھ خالد ،زاهد حسين ۽ عامر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  شهيد بشير احمد چونڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ شامل ماڻهو شھر جي مختلف رستن کان ٿيندا نه کپي نه کپي ڪالاباغ ڊيم نه کپي، ڌارين جي آبادڪاري نامنظور، بنگالين ۽ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ بند ڪيو جھڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندا لعلورائنڪ پريس ڪلب پهتا.

اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت پاران بنگالين ۽افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم اڏڻ واري هوڏ سنڌ دشمن عمل آهن. جنهن کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.

هنن چيو ته ڪالاباغ ڊيم کي ملڪ جي ٽن صوبن جي رد ڪرڻ باوجود حڪمران اهڙي منصوبي کي رد ڪرڻ بجاءِ ٺاهڻ جي هوڏ تي قائم آهن. جڏهن ملڪ جا اصل وارث بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آهن پر پوءِ به وفاقي سرڪار افغانين ۽ بنگالين کي آباد ڪرڻ ۽ کين سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي ڳالھ ڪري سنڌ جي عوام کي روڊن تي نڪرڻ تي تي مجبور ڪيو آهي.

هنن چيو آهي ته اهڙا سنڌ دشمن منصوبا بنادير رد ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے