21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | ڌاٻيجي : قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج

ڌاٻيجي  ۾ 5 مهينا اڳ نوشهروفيروز ۾ قتل ڪيل مڙس، زال ۽ ماءُ جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائڻ واري عمل خلاف وارثن ۽ سول سوسائٽي پاران  احتجاج  ڪيو ويو .

سول سوسائٽي طرفان پنج مهينا اڳ قتل ٿي ويل نور احمد مري سندس گهرواري ۽ ماءُ جي وارثن پريس ڪلب جي اڱيان  هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ فتح محمد مري ميڊيا سان ڳالھائيندي  چيو ته ھي سندن ماڻهن کي بنا ڪنهن سبب جي قتل ڪيو ويو آهي .

وارثن دانھيـدي چيو هن وقت تائين پوليس ٽنهي قتلن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي

هنن چيو ته جوابدار بااثر هئڻ ڪري مقتولن جي زمين ۽ ملڪيت تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته  ترت قتلن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي  ۽  تحفظ مهيا ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان جي مايوسي ڪٿي دنگ ٿي؟ اذيت ڏيندڙ موت تي حيران ڪندڙ انڪشاف

ڳوٺ ڌرم جي ويري واسي نوجوان  جبل ميگهواڙ وڻ ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے