16 منگل , اکتوبر 2018

صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي پروٽوڪول تي احتجاج ڪندڙ شهري تي ڪيس داخل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صدر عارف علوي جو پروٽوڪول ٽوڙڻ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ شهرين کي غلط ڪم تي ڀڙڪائڻ واري هڪ شهري خلاف شارع فيصل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب صدر عارف علوي گذريل رات 9 وڳي شارع فيصل تي ڪار ساز ويجهو ٽريفڪ بند ڪئي وئي جنهن دوران نامعلوم شخص روڪيل ٽريفڪ ۾ پنهنجي گاڏي روڪي سڀ کان اڳتي نڪري آيو ۽ ٽريفڪ روڪيندڙ پوليس اهلڪارن سان وڙهي ويو. پوليس موجب ڄاڻايل شخص پاڻ به وڊيو ٺاهي رهيو هو جڏهن ته پوليس اهڙي وڊيو جي ڪاپي به حاصل ڪري ميڊيا کي جاري ڪئي جنهن ۾ هو پوليس جي اشاري تي روڪيل شهرين کي ورغلائيندي پوليس جون رنڊڪون ٽوڙڻ لاءِ ڀڙڪائيندي نظر اچي ٿو.  شهري پوليس پاران روڪڻ تي شهرين کي چيو ته پوليس جي چوڻ تي نه بيهو، رنڊڪون ٽوڙي ٽريفڪ کولي ۽ جوابدارن جي ڀڙڪائڻ تي ڪيترائي موٽرسائيڪل سوار رنڊڪون ٽوڙي اڳتي نڪري آيا. ڄاڻايل شخص وڊيو ۾ ڳالهه نه مڃيندڙ شهرين کي غيرت چوندو رهيو ۽ پوليس اهلڪارن کي ڌڪا به ڏنا. پوليس موجب شهرين جي پيهه ٿي ته شهري ڀڄي ويو جڏهن ته پوليس وي وي آءِ پي موومينٽ سبب وڌيڪ ڪارروائي نه ڪري سگهي. اعليٰ اختيارين جي هدايت تي شارع فيصل ٽريفڪ سيڪشن جي ايس او سب انسپيڪٽر محمد سليم نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. شارع فيصل ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس کانپوءِ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ شهرين کي ڪنهن غلط ڪم تي ڀڙڪائيندڙ جوابدار جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے