20 ہفتہ , اپریل 2019

پاڪ ڀارت جنگ جو سوچڻ به بيوقوفي آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ تيار آهي، ڀارت کي ڳالهين تي واضح فيصلو ڪرڻو پوندو. ڀارتي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ڀارت سان سمورن حل طلب مسئلن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي، ڀارت کي پاڪستان سان ڳالهين تي واضح فيصلو ڪرڻو پوندو جڏهن ته جنگ ۽ دشمني ڪنهن مسئلي جو حل ناهي. هن چيو ته هڪ رستو جنگ آهي، ٻئي ملڪ ائٽمي طاقت آهن، جنگ بابت سوچڻ به بيوقوفي آهي، جڏهن ته ٻيو رستو ڳالهين جو آهي جتي ويهي مسئلن جو حل ڪڍي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، ڀارتي سياستدان پاڪستان مخالف نعرا هڻي چونڊن ۾ فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان کي بلوچستان ۾ ڀارتي دهشتگردي تي ڳڻتي آهي، ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جو ثبوت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے