18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز | ميهڙ: قومي عوامي تحريڪ جو سنڌوءَ تي ڊئم اڏڻ خلاف احتجاج

Mehar, QomiAwamiTahreekميهڙ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ بنگالين , برمين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ , سنڌوتي ڊئم اڏڻ خلاف  احتجاج ڪيو ويو .

ايڊوڪيٽ منور جتوئي , ڊاڪٽر واجد ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾,تعلقه اسپتال ميهڙ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ريلي  شھر جي مختلف رستن تان ٿيندي ميهڙ جي گهنٽاگهر چوڪ وٽ ۽ پريس ڪلب پهتي

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن  چيو ته وفاق قانوني ۽ آئيني سموريون حدون اورانگهي زبردستي ڊئم ٺاهڻ چاهي ٿو

هنن چيو ته بنگالين ۽ برمين کي صرف سنڌ ۾ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۽ کين ملڪي شناخت ڏين سنڌين کي اقيليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي

هنن چيو ته  گورنر ۽ وزير اعظم غير آئيني عمل جي ذريعي صوبن جي اتفاق راءِ کان سوا۽ ڊئمن لاءِ چندو مهم پيا هلائين.

هنن گهر ڪئي ته ڊئمن ٺاهڻ واري چندا مهم بند ڪري ڪراچي ۾,رهندڙ غير قانوني ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:سامارو: گرلز اسڪول مان چور الهه تلهه ٻهاري ويا

*سامارو شھر جي  گرلس هاءِ  اسڪول  مان چور تاله ٽوڙي اتلهه تلهه ٻهاري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے