24 بدھ , اکتوبر 2018

لاهور سميت پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا پر خوشقسمتي سان ڪو به نقصان نه ٿيو. لاهور، شيخوپوره ۽ قصور سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب ماڻهو ڪلمي ورد ڪندي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا پر ڪنهن جاني يا مالي نقصان جو اطلاع نه مليو آهي. زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 4 ڏهائي هڪ رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز لاهور کان 24 ڪلو ميٽر اوڀر ۾ ۽ سندس گهرائي زمين هيٺ 20 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے