18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز | گهوٽڪي :  بااثر ليز جو بهانو ڪري تيرنهن گهرڊاهي پٽ ڪرڻ بعد  گهرن کي باهه  ڏئي ڇڏي

گهوٽڪي ويجهو عادلپور جي ٻٽاڻي پاڙي  جي زمين تي بااثر ليز جو بهانو ڪري ٽائون عملي ۽  خانگي ماڻھن سان گڏجي تيرنهن گهرڊاهي پٽ ڪرڻ بعد  گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي.

بااثر ٽائون عملي ۽ عادلپور پوليس جي مدد سان چاليھه سال کان رهندڙ ماڻهن جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا.

رهواسين عبدالطيف۔عبدالستار۔نصير ۽ جبار ڪلوڙ  ٻڌايو ته سميت چاليهه ڄڻن جا گهر  ڊاهي پٽ ڪيا ويا آھن

هنن الزام هنيوته   ايس ايس پي ظفرالله ڌاريجو ڏاڍ ڪري غريب ماڻھن جا گهرڊاهي گهرن کي باهيون ڏياريون آھن  ۽ پوليس اهلڪارن گهرن ۾ پيل سامان کي باهيون ڏنيون.

متاثرن احتجاج ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي  چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته معاملي جو  نوٽس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجهند هڪ وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-10-18

اسلام آباد ۾ وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس جاري ڪراچي: نيب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے