23 منگل , اکتوبر 2018

وزيراعظم عمران خان کي 100 ڏينهن جي پلان ۽ نئين مڪاني نظام تي بريفنگ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان کي لاهور ۾ اجلاس دوران حڪومت جي 100 ڏينهن جي پلان ۽ نئين مڪاني نظام تي بريفنگ ڏني وئي. اسلام آباد مان لاهور پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم  وزيراعليٰ هائوس پهتو جتي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ مڪاني ادارن جي وزير عليم خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مڪاني ادارن جي وزير سمورن کاتن جي 100 ڏينهن جي پلان تي اوليتي ايجنڊا تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني جڏهن ته نئين مڪاني ادارن جي نظام جي مسودي بابت به وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي.  ذريعن موجب وزيراعظم پنهنجي هڪ ڏينهن جي دوري دوران پنجاب ڪابينا جي اجلاس جي صدارت به ڪندو جڏهن ته هو ڪامورا شاهي جي مختلف اجلاسن کي به خطاب ڪندو.  چار وزير وزيراعظم کي پنهنجي کاتن جي اوليتن بابت به آگاهه ڪندو. صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، جنگلات وارو وزير سبطين خان ۽ سياحت وارو وزير راجا ياسر همايون سرفراز اهم منصوبن جي منظوري به وٺندو. قومي ڪميشن براءِ پوليس اصلاحات جو سربراهه ناصر خان دراني به وزيراعظم سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم عمران خان پنهنجي سياسي ٽيم سان ضمني اليڪشن جي تيارين بابت به ڳالهيون ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے