24 بدھ , اکتوبر 2018

گوگل واهپيدارن جي اِن باڪس تائين پهچ ڏيڻ جو اعتراف ڪري ورتو

Google admitted to the users of the Inboxڪيليفورنيا( ويب ڊيسڪ ) دنيا جي مشهور سرچ انجڻ” گوگل“ واهپيدارن جي ٿرڊ پارٽيز ڪمپنين کي انباڪس تائين پهچ ڏيڻ جو اعتراف ڪري ورتو.گوگل ان ڳالهه جي تصديق آمريڪي قانوندانن کي لکيل هڪ خط ۾ ڪئي آهي جنهن ۾ گوگل وضاحت ڪئي آهي ته ٿرڊ پارٽي ڊيولپرز جي ميل اڪائونٽن تائين پهچ ۽ شيئرنگ جي صلاحيت رکندا آهن.گوگل پاليسي چيف سوسان موليناري طرفان لکيل خط ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته 100 کان وڌيڪ ايپليڪيشنز جي ميل اڪائونٽن جي اِن باڪس جو ڊيٽا اسڪين ۽ شيئر ڪري سگهن ٿيون ۽ ائين ان صورت ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن ڊيولپرز واهپيدارن جو ڊيٽا ڪمپنين سان شيئر ڪندا. سڄي دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو گوگل جي ميل سروس استعمال ڪري رهيا آهن ۽ واهپيدارن جو ڊيٽا ٿرڊ پارٽي سان شيئر ڪرڻ تي واهپيدارن خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته رڳو ايپلي ڪيشن ٺاهيندڙ ڊويلپرز ئي جي ميل واهپيدارن جي اي ميل نٿا ڏسي سگهن پر ٻيون ڪمپنين کي به ان تائين پهچڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. گوگل جي پاليسي چيف ان قدم جو دفاع ڪندي چيو آهي ته سندن پرائيوسي پاليسي واهپيدارن لاءِ  رسائي جي قابل آهي ته هو ان تي نظرثاني ڪري سگهن ۽ گوگل طرفان ڊيٽا شيئر ڪرڻ کان اڳ واپيدارن کي ان جي اجازت ڏيڻي پوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Invent another cheap way of making electricity from sunlight

سج جي روشني مان بجلي ٺاهڻ جو هڪ وڌيڪ سستو طريقو ايجاد

انڊيانا(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن سج جي حرارت مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ شمسي( سولر) پئنل بجاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے