18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز | ڇاڇرو : ڀيل برادري جي عورتن  ۽ ٻارڙن جو مبينا زيادتين خلاف احتجاج، مظاهرو

ڇاڇري ۾  ڳوٺ تڙدوس جي ڀيل برادري جي عورتن ٻارڙن سميت ڳوٺ جي بااثر وڏيرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو .

منروف ڀيل ۽ کٽو ڀيل جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان  متاثر ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪيو ويو .

هنن الزام هنيو ته ووٽ نه ڏيڻ تي عثمان راهمون،علي اڪبر ۽ شير محمد ڳوٺ مان لڏائي ڇڏيو آهي ۽ زمينن تي قبضو ڪري ظلم ڪيو آهي .

هنن چيو ته اجها ۽ زمين ڦرجڻ سبب هاڻي هو مفلسي ۽ دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن.

هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجهند هڪ وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-10-18

اسلام آباد ۾ وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس جاري ڪراچي: نيب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے