21 اتوار , اکتوبر 2018

وزيراعظم عمران خان جي لاهور جي رهائشگاهه ٻاهران احتجاج

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) خانگي هائوسنگ سوسائٽي جي مبينا فراڊ سان متاثر ٿيل ماڻهو  زمان پارڪ پهچي ويا ۽ وزيراعظم عمران خان کي انصاف جي اپيل ڪئي. خانگي هائوسنگ سوسائٽي جي مبينا فراڊ جي متاثرن وزيراعظم عمران خان جي زمين پارڪ لاهور جي رهائشگاهه وٽ جمع ٿي شديد احتجاج ڪيو. متاثرن چيو ته خانگي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ پاران 10 هزار ماڻهن سان فراڊ ڪيو ويو، وزراعظم اسان کي انصاف ڏياري. مظاهرو ڪندڙن عمران خان جي رهائشگاهه طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس اهلڪارن کين روڪي ڇڏيو. مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون. مظاهرين انصاف نه ملڻ تائين زمان پارڪ کان نه وڃڻ جو اعلان ڪندي ڪئنال روڊ تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے