20 ہفتہ , اپریل 2019

ايران ۾ بدامني جي خواهشمند آمريڪا کي پنهنجي رويوي تي افسوس ٿيندو: حسن روحاني

Iran's unhappy neighbor of Badam in Iran will regret his cry: Hasan Rohaniتهران ( ويب ڊيسڪ ) ايراني صدر حسن روحاني آمريڪا کي بدمعاش قرار ڏيندي چيو آهي ته کيس پنهنجي جارحاڻي رويوي تي افسوس ٿيندو. گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ راونو ٿيڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي حسن روحاني آمريڪا تي داداگيري جو الزام هڻندي چيو ته هو ايران ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. ايراني صدر الزام هڻندي چيو ته آمريڪي نواز عرب ملڪ حڪومت مخالف ڌرين کي مالي ۽ عسڪري  مدد فراهم ڪري رهيا آهن ۽ خطي جي ڪٺ پتلي ملڪن کي آمريڪا جي حمايت حاصل آهي.  حسن روحاني چيو ته آمريڪا پنهنجن ڪٺ پتلي کي ڀڙڪائڻ کانسواءِ کين ضروري صلاحيتون فراهم ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايران جي بچاءَ واري ڏهاڙي جي موقعي ملٽري پريڊ تي حملي ۾ 29 ڄڻا مارجي ويا هئا  ۽ 57 ڄڻا زخمي ٿيا جڏهن ته مارجي ويلن ۾ پاسدارانِ انقلاب جا 12 ميمبر به شامل هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان ۽ طالبان وچ ۾ٿيندڙ ڳالهيون ملتوي…..

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان ۽ افغان نمائيندن وچ ۾ قطر ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ملتوي ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے