21 اتوار , اکتوبر 2018

رپورٽ | ڪنڌڪوٽ : قومي عوامي تحريڪ پاران ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڊيم احتجاج

ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڊيم ٺاهڻ واري اعلان خلاف گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪيو اي ٽي جي ڪارڪنن سجاد بروهي،اعجاز بجاراڻي،برڪت کوسو،وڪيل فيض محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن  چيو ته ڊيم ٺاهڻ  ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ  جاري ڪرڻ وارا اعلان سنڌ دشمني آهي.

هنن  مطالبو ڪيو ته سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙا  ۽ بنگالين افغانين برمين کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاهڻ واري اعلانن کي واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان جي مايوسي ڪٿي دنگ ٿي؟ اذيت ڏيندڙ موت تي حيران ڪندڙ انڪشاف

ڳوٺ ڌرم جي ويري واسي نوجوان  جبل ميگهواڙ وڻ ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے