21 اتوار , اکتوبر 2018

اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جي جنازي نماز رالپنڊي گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه به شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب جنازي نماز کانپوءِ شهيدن جي مڙهن کي اباڻن علائقن ڏانهن روانو ڪيو ويو جتي سندن تدفين مڪمل فوجي اعزاز سان ڪئي ويندي. ڪئپٽن جنيد شهيد جو تعلق تعلقي مري سان هو ۽ هو ڪنوارو هو. سپاهي سميع الله شهيد ۽ سپاهي انور جان به ڪنورا هئا. استور سان تعلق رکندڙ حوالدار عبدالرزاق شهيد جي وارثن ۾ زال ۽ 6 ٻارڙا شامل آهن، جڏهن ته گلگت بلتستان جي حوالدار امير شهيد جو پونئرن ۾ زال، 2 پت ۽ هڪ نياڻي سوڳوار ڇڏي آهي. چلاس ضلعي ديار جي حوالدار  نصير شهيد جي وارثن ۾ زال ۽ امڙ شامل آهن، جڏهن ته حوالدار آصف شهيد زال، والدين ۽ 8 ڀينرون سوڳوار ڇڏيون آهن ۽ سندس تعلق خانيوال سان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے