23 منگل , اکتوبر 2018

وزيراعظم عمران خان طرفان 48 ڪلاڪن ۾ نئين مڪاني نظام کي آخري شڪل ڏيڻ جي هدايت

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان 48 ڪلاڪن دوران نئين مڪاني نظام کي آخري شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.  وزيراعظم عمران خان کي لاهور ۾ اجلاس دوران حڪومت جي 100 ڏينهن جي پلان ۽ نئين مڪاني نظام تي بريفنگ ڏني وئي. اسلام آباد مان لاهور پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم  وزيراعليٰ هائوس پهتو جتي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ مڪاني ادارن جي وزير عليم خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مڪاني ادارن جي وزير سمورن کاتن جي 100 ڏينهن جي پلان تي اوليتي ايجنڊا تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني جڏهن ته نئين مڪاني ادارن جي نظام جي مسودي بابت به وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي.  وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران نئين مڪاني نظام کي آخري شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي. ان موقعي تي عمران خان چيو ته اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي پي ٽي آءِ جي سڀ کان اهم ايجنڊا آهي، عوام کي صحيح معنيٰ ۾ بااختيار بڻائڻو آهي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته اها ڳالهه يقيني بڻائي وڃي ته عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن جو موثر احتساب ڪن ۽ اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي ۽ لوڪل باڊيز سان نئين ليڊرشپ مٿي اچڻ ۾ مدد ملندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے