16 منگل , اکتوبر 2018

پروٽوڪول خلاف شهري جو احتجاج: صدر پاڪستان ڪيس کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي پروٽوڪول خلاف احتجاج ڪندڙ شهري تي پوليس طرفان داخل ڪيس کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو. گذريل رات صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي جو پوروٽوڪول ٽوڙڻ، سرڪاري ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ شهرين کي غلط ڪم تي ڀڙڪائيندڙ هڪ شهريءَ خلاف شارع فيصل ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب صدر پاڪستان عارف علوي جي قافلي کي گذارڻ لاءِ گذريل رات 9 وڳي شارع فيصل تي ڪارساز ويجهو ٽريفڪ بند ڪئي وئي هئي ان دوران اڻ ڄاتل شخص جي روڪيل ٽريفڪ ۾ پنهنجي ڪار بيهاري سڀني کان اڳتي نڪري آيو ۽ ٽريفڪ روڪيندڙ پوليس اهلڪار سان هٿين پيجي ويو هو. صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي به ان معاملي تي سامهون اچي ويو آهي ۽ هن پنهنجي ٽوئيٽر ۾ چيو آهي ته پوليس طرفان پروٽوڪول تي احتجاج ڪندڙ شهري خلاف ڪيس کل جوڳو آهي ۽ جڏهن عوام کي مشڪلاتون آهن ته هو اهڙي ردعمل جو مظاهرو ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے