18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز | ميهڙ : سنڌ ۾ڌارين کي,شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري عمل خلاف احتجاج

ميهڙ ۾  آبادگار اڳواڻن سنڌ ۾ڌارين کي,شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪيو .

آبادگارن ڪڙمين ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن  سڪندر سوڍر ،ڊاڪٽر برڪت جتوئي ، عبدالحميد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

سياسي ڪارڪنن ۽ آبادگارن ميهڙ باءِ پاس کان احتجاجي ريلي ڪڍي 2 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو  ريلي شهر جي مختلف هنڌن تان ٿيندي نعريبازي ڪندي گهنٽاگهر چوڪ وٽ پهتي

ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾صوبن جي رضا مندي کان سواءِ زبردستي سنڌو تي ڊئم ٺهيا پيا وڃن .

هنن چيو ته ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ سنڌ دشمني ۽سنڌين کي اقليت ۾ ڪرڻ جي سازش آهي .

هنن مطالبوڪيو ته ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ بندي ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجهند هڪ وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-10-18

اسلام آباد ۾ وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس جاري ڪراچي: نيب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے